وڏي وزير پاران لوڊشيڊنگ جي خاتمي۽ غير فعال آر او پلانٽس جي بحالي جو حڪم

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مڪاني ادارن واري کاتي کي هدايت ڪئي آهي ته لوڪل ڪائونسلن جي جاري  عبوري مدو ختم ڪيو وڃي ته جيئن چونڊيل ماڻهو پنهنجن علائقن جي عوام جي خدمت ڪري سگهن. هن پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي کي پڻ هدايت ڪئي ته هڪ اسڪيم تيار ڪري جنهن تحت غير فعال آر او پلانٽس کي مقامي ماڻهن جي مفاد ۾ فعال ڪري سگهجي. هن اها ڳالهه مختلف کاتن جي گڏيل اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي وڏي وزير چيو ته کيس ميرپورخاص ڊويزن خاص ڪري ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي ڳوٺن مان به شڪايتون مليون آهن جتي آر او پلانٽس خراب آهن. هن سيڪريٽري پي ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته انهن کي ايندڙ ٻن مهينن اندر فعال ڪيو وڃي. وڏي وزير توانائي کاتي کي هدايت ڪئي ته هو حيسڪو ۽ سيپڪو عملدارن سان ڳالهه ٻولهه ڪن ته جيئن گرميءَ ۾ ڊگهي لوڊشيڊنگ ڪرڻ کان پاسو ڪن. هن چيو ته صوبي جا ٻهراڙي وارا علائقا سخت گرمي جي لپيٽ ۾ آهن، ان ڪري بجلي فراهم ڪندڙ ڪمپنيون رات جي وقت لوڊشيڊنگ نه ڪن ۽ عوام جو خاص خيال رکن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.