توانائي واري وزير امتحانن دوران بجلي بندش جو نوٽيس وٺي ڇڏيو

ڪراچي (رپورٽر )سنڌ جي توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ميٽرڪ جي امتحانن دوران لوڊشيڊنگ سبب شاگردن جي حالت خراب ۽ بيهوش ٿيڻ جي خبرن جو سخت نوٽيس وٺندي سيڪريٽري توانائي سنڌ مصدق احمد خان کي هدايت ڪئي آهي ته هو ڪي-اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي اعليٰ عملدارن سان ڳالهائي ميٽرڪ جي امتحانن دوران سمورن امتحاني مرڪزن ۾ بنا وقفي بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائيندي سمورن امتحاني مرڪزن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي. توانائي واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه جي هدايت تي توانائي واري سيڪريٽري مصدق احمد خان فوري طور تي ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو جي لاڳاپيل سي اي اوز سان رابطو ڪري ناصر شاهه جي خدشن ۽ هدايتن کان آگاهه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.