ڪراچي ۾ گرمي جو زور وڌنڌي ئي بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو شروع

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ شديد گرمي دوران ڪي اليڪٽرن پاران بدترين لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري آهي، ان ڏس ۾ واهپيدارن جو چوڻ آهي ته گرمي تيز ٿيندي ئي ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا لوڊشيڊنگ جو ٽائيم وڌائي ڇڏيندي آهي، بجلي جي بندش سبب شاگردن کي پڻ امتحان ڏيڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي لوڊشيڊنگ جي ٽائيمنگ 12 ڪلاڪن کان به وڌيڪ ٿي وئي آهي، بجلي لوڊشيڊنگ جي حوالي سان سڀ کان وڌيڪ قائدآباد، ملير، ڀٽائي آباد، گڏاپ، گلشن معمار، سرجاني ٽائون، ڪورنگي، لانڍي، شاهه فيصل ڪالوني، ڀينس ڪالوني، اورنگي ٽائون، بلديا ٽائون، ڪيماڙي، لياقت آباد، ايف سي ايريا، ڪريم آباد، لياري، اولڊ سٽي ايريا، محمود آباد، منظور ڪالوني، اعظم بستي سميت ڀرپاسي جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بدترين لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي، واهپيدارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته رات 12 کان وٺي صبح جو 6 وڳي تائين به لوڊشيڊنگ جو سلسلو جاري رهندو آهي، ٻئي طرف ترجمان ڪي اليڪٽرڪ جو چوڻ آهي ته 71 سيڪڙو علائقن ۾ بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، جن علائقن ۾ لوڊشيڊنگ ٿي رهي آهي اتي بل شهري نه ٿا پيارن ۽ بجلي چوري به ٿي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.