انوار ڪاڪڙ کي تحويل وٺي ڪڻڪ گهرائڻ بابت پڇاڻو ڪيو وڃي: حافظ نعيم

اسلام آباد/ ڪوئيٽا(م ڊ) امير جماعت اسلامي حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي حفاظتي تحويل ۾ ورتو وڃي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته جيتري ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي، ان سڄي عمل ۾ اهي ئي ماڻهو موجود هئا، نگران حڪومت ۽ پي  ڊي ايم جي حڪومت به ساڳي هئي. اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي ان بيان تي کيس حفاظتي تحويل ۾ ورتو وڃي. ڪاڪڙ کان پڇڻ گهرجي جڏهن پئسن جي گهٽتائي ته اربين ڊالرن جي ڪڻڪ امپورٽ ڇو ڪئي وئي، جڏهن فصل ٿئي ٿو ته يوريا غائب ٿي وڃي ٿو، ان کي بليڪ تي وڪرو ڪيو وڃي ٿو. هن چيو ته گوادر جا ماهيگير مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، سي پيڪ ۾ بلوچستان کي حصو نه ڏيڻ جي صورت ۾ ملڪ ۾ احساس محرومي پيدا ٿئي ٿو، بلوچستان ۾ گئس فراهم نه ٿي رهي آهي، اهڙي موقعي جو فائدو ٻاهرين قوتون وٺنديون پوءِ رياست چوي ٿي ته رٽ قائم ڪئي وڃي ته ان کان اڳ رياست کي پنهنجو فرض پورو ڪرڻ گهرجي. ٻئي طرف ڪوئيٽا ۾ بلوچستان اسيمبلي ٻاهران ڌرڻي کي خطاب ڪندي حافظ نعيم الرحمن چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت هوش کان ڪم وٺن. وسيلن سان مالا مال بلوچستان صوبو مسئلن جي ور چڙهي ويو آهي پاڻي بجلي گيس ۽ ٻين مسئلن جي ڪري هارين ۽ عام ماڻهن جو جئئن جنجال ٿي ويو آهي. بلوچستان وسيلن سان مالا مال آهي پر هو مسئلن جي ور چڙهيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.