آزاد ڪشمير ۾ مهانگائي خلاف ٽئين ڏينهن به احتجاج، انٽرنيٽ ۽ موبائل سروس معطل

مظفر آباد ( م ڊ )  آزاد ڪشمير حڪومت جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا منظور ڪري ورتا آهن. ٽن ڏينهن جي ڇڪتاڻ کانپوءِ آچر تي جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي ۽ آزاد ڪشمير جي چيف سيڪريٽري وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. ذريعن موجب آزاد ڪشمير حڪومت جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي جا مطالبا منظور ڪري ورتا آهن.هوڏانهن پاڪ فوج جا دستا صورتحال تي قابو آڻڻ لاءِ ڪوهالا ،پونڇ ۽ مظفر آباد ۾ مقرر ڪيا ويا آهن، .پاڪ فوج جي جوانن کي تنصيبات جي سيڪيورٽي لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي.  واضح رهي ته آزاد ڪشمير جي ڇڪتاڻ واري صورتحال جو نوٽيس وٺندي وزيراعظم شهباز شريف آزاد ڪشمير حڪومت ۾ شامل پنهنجي پارٽي جي صدر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. رياست ۾ مهانگي بجلي خلاف پرتشدد احتجاج ٽئين ڏينهن به جاري رهيا، هڙتال سبب ڪيترن ئي شهرن ۾ انٽرنيٽ ۽ موبائيل سروس معطل رهي ۽ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي. جاري احتجاج دوران هڪ اي ايس آءِ مارجي ويو، جڏهن ته 25 اهلڪار زخمي ۽ 100 جي لڳ ڀڳ مظاهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ڪيترائي مظاهرين زخمي پڻ ٿي پيا، صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ آزاد ڪشمير ۾ داخل ٿيندڙ رينجرز اهلڪارن کي واپس گهرايو ويو آهي، جڏهن ته جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي پرتشدد واقعن کان لاتعلقي جو اظهار ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.