ڪراچي(مدثر اقبال) بحريا ٽائون جا رهواسي انتظاميا خلاف هڪ ڀيرو ٻيهر سراپا احتجاج بڻجي ويا آهن، قومي ميڊيا تي معاملو دٻايو ويو آهي پر سوشل ميڊيا تي ان خبر جو وڏو هُل متل آهي، مينٽيننس جي نالي تي رهواسين کي پريشان ڪيو پيو وڃي، رهواسين جو موقف آهي ته انتظاميا 4 تاريخ تي بل ڏئي ڇڏيا آهن ۽ 10 تاريخ تي انهن جي ادائيگي جو حڪم صادر ڪري ڌمڪي ڏني وئي آهي ته بل ادا نه ڪندڙن جا بجلي،پاڻي ۽ گئس ڪنيڪشن ڪاٽيا ويندا جڏهن ته مينٽيننس 9200 مان وڌائي 12 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي، رهواسين سوال اٿاريو آهي ته انتظاميا ڪهڙيون سهولتون فراهم ڪيون آهن جو مينٽيننس وڌائي وئي آهي؟ شهرين جي تنظيم رجسٽرڊ نه هئڻ سبب بحريا ٽائون جا رهواسي عذاب ۾ آهن، جڏهن ته ڳالهين لاءِ جوڙيل ڪميٽي ۾ به ملڪ رياض جا ماڻهو شامل ٿي رهواسين جو ڪيس ڪمزور ڪري وٺن ٿا،جڏهن ته بحريا ٽائون جا ڳجها ايجنٽ ان قسم جي تحريڪ هلڻ تي پهرين ان ۾ شامل ٿي بعد ۾ ڏڦيڙ پکيڙي ٻاهر ٿي ويندا آهن،بحريا ٽائون انتظاميا ان ڪري شينهن ٿي ويندي آهي ته رهواسي منظم ۽ متحد ناهن ۽ انهن پنهنجي قانوني ٽيم بهتر ناهي بڻائي،جڏهن ته انتظاميا ۾ شامل رٽائرڊ فوجي به رهواسين لاءِ عذاب بڻيل آهن،ڪرنل،ميجر،ڪيپٽن جي نالي تي رهواسين کي ڊيڄاريو پيو وڃي،رٽائرڊ فوجي آفيسر اداري جو نالو استعمال ڪري شهرين کي هراسان ڪري رهيا آهن،ان کان اڳ رهواسين جي احتجاج ۾ ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي ۽ پ پ به شامل هئي،هن ڀيري به احتجاج ۾ جماعت اسلامي جي شموليت جا امڪان آهن،ماڻهن جو چوڻ آهي ته بحريا ٽائون ۾ ڪاروبار ڪرڻ مشڪل آهي،انٽرنيٽ جي سروس به معياري ناهي،بحريا ٽائون انتظاميا جو نئون حڪم اهو آهي ته بجلي استعمال ڪريو يا نه 1500 رپيا،پاڻي استعمال ڪريو يا نه،1500،گئس استعمال ڪريو يا نه 500 رپيا فڪس چارجز آهن اهي هر صورت ۾ ڏيڻا پوندا،