سياستدانن هٿ نه ملايو ته پارليامينٽ به مسئلا حل نه ڪري سگهندي: بلاول

لاهور ( بيورو+ م ڊ ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ اڄ نفرت جي سياست عروج تي آهي، ملڪ ۾ سياست ذاتي دشمني ۾ تبديل ٿي وئي آهي، هن چيو ته مسئلن جي حل لاءِ سياستدانن کي پاڻ ۾ هٿ ملائڻو پوندو.لاهور ۾ ڀٽو ريفرنس ۽ تاريخ جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀٽو ريفرنس تي عدالتي  فيصلي کانپوءِ پيپلز پارٽي جو هي پهريون سيمينار آهي، آصف زرداري ڀٽو ريفرنس سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻيو هو، ڀٽو ريفرنس جي تاريخي فيصلي تي هر ضلعي ۾ سيمينار منعقد ڪيا وڃن ۽ عوام کي يقين ڏياريو وڃي ته هاڻ وڌيڪ عدالتي قتل نه ڪيو ويندو. بلاول ڀٽو زرداري اهو به چيو ته عدالت پاڻ سڌارا آڻي سگهي ٿي پر سڀ کان وڏي ذميواري پارليامينٽ تي آهي، عدالتي سڌارن لاءِ آئيني ترميمون آڻڻ جي ضرورت آهي.  هن چيو ته اسان چارٽر آف ڊيموڪريسي تحت عدالتي سڌارن تي عمل نه ڪيو آهي، جيڪڏهن اسان عدالتي سڌارا نه ڪنداسين ته پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪنداسين. هن چيو ته اسان هاري ڪارڊ آندو ته تنقيد ڪئي وئي، اڄ پاڪستان جا هاري ڀرپور احتجاج ۾ آهن، جيڪڏهن اسان جو هاري ڪارڊ منصوبو چئن صوبن ۾ هجي ها ته ايڏو وڏو مسئلو نه هجي ها. هن چيو ته ميثاق جمهوريت لاءِ پيپلز پارٽي اهم ڪردار ادا ڪيوآهي، اڄ ملڪ ۾ نفرت جي سياست عروج تي آهي، ملڪ ۾ سياست ذاتي دشمني ۾ تبديل ٿي وئي آهي. ملڪي سياست ۾ مسئلن جي حل لاءِ سياستدانن کي گڏ ٿيڻو پوندو.هن چيو ته ڀٽو ريفرنس ۾ عدالت اعتراف ڪيو ته غلطي ٿي آهي، عدالتي نظام ۾ سڌارا وقت جي ضرورت آهي، اسان کي عدالتي سڌارا آڻڻا پوندا ته جيئن ايندڙ نسلن کي ٻڌائي سگهجي ته غلطيون درست ٿي سگهن ٿيون، پر عدالتي سڌارا ضرور آهن آئيني ترميم آڻڻ جي ضرورت آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عوام جا مسئلا حل ڪرڻ پهرين ترجيح آهي، پيپلز پارٽي ڳالهين ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي يقين رکي ٿي، جڏهن ته عوام جي بهتري لاءِ اسان جي جدوجهد جاري رهندي. هن چيو ته چونڊ مهم ۾ اسان جي 10 نقاطي ايجنڊا تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي وئي، وفاق ۽ صوبن اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ پيپلز پارٽي جو 10 نقاطي ايجنڊا اختيار ڪيو، هن چيو ته پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي 10 نقاطي منشورکي اختيارڪيو پيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.