اسلام آباد/لاهور(منصور علي خان+عمران شفقت) اڳوڻو صدر عارف علوي سرگرم ٿي ويو، لاهور ۾ اينڪرن سان ملاقات ڪئي آهي، مجيب الرحمان شامي،سلمان غني،اوريا مقبول جان، چوڌري غلام حسين، عمران شفقت،امداد سومرو، ثمينه رمضان، اجمل جامي،حبيب اڪرم،ثمينه پاشا،علي جان،سلمان احمد ۽ ٻيا اينڪر صحافي شامل هئا، جنهن ۾ سوال جواب ڪيا ويا،اها ملاقات آف دي رڪارڊ هئي،عارف علوي واپارين، صحافين، وڪيلن سان ملاقاتون ڪري رهيو آهي، هو ان سلسلي ۾ فيڊ بيڪ وٺڻ چاهي ٿو، عارف علوي جي خيال ۾ فوج سان ئي ڳالهيون ٿينديون،پ پ،نواز ليگ،ايم ڪيو ايم سان ڳالهين جو فائدو ناهي، ڇو ته وٽن اقتدار ئي ناهي،اختيار جنهن وٽ آهن ڳالهيون به انهن سان ٿينديون،اڳوڻي صدر اهو به تسليم ڪيو ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آءِ سان ڳالهيون نٿي چاهي، اسان پاران ڊائيلاگ لاءِ دروازا کليل آهن،عارف علوي اهو به انڪشاف ڪيو ته عمران خان سان ملاقاتن جي نگراني ڪئي وڃي ٿي،اتي ڪاغذ پينسل کڻي وڃڻ جي به اجازت ناهي هوندي،عمران خان وٽ ٻاهرين دنيا جي معلومات گهٽ آهي،هن اهو به چيو ته جڏهن عمران خان کي گولي لڳي تڏهن جنرل باجوا چيو هو ته اهو سڀ ڊرامو آهي،آرمي چيف جنرل عاصم منير سان معاملا ڪيئن خراب ٿيا؟ ان تي عارف علوي ڪو واضح جواب نه ڏنو، باقي هن اهو ٻڌايو ته جڏهن نئين آرمي چيف جي مقرري جي ڳالهه هلي رهي هئي ته فوج پاران پيغام موڪليا ويا ته جنرل فيض جي مٿي تان هٿ کڻي ڇڏيو،اسان جو موقف اهو هو ته اسان جنرل فيض لاءِ لابنگ نه پيا ڪريون،ميرٽ تي آرمي چيف مقرر ڪيو وڃي،هن سوشل ميڊيا تي پي ٽي آءِ مهم بابت چيو ته اهو ماڻهن جو آواز آهي، پارٽي ڪا به مهم نه پئي هلائي،ميڊيا تي پابنديون لڳل آهن، عارف علوي سياسي پارٽين سان ڳالهائڻ کان انڪار ڪندي چيو ته انهن پارٽين اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو آهي، باقي جن ڪنڍي لڳائي آهي ڳالهيون انهن سان ئي ڪنداسين،عارف علوي کان اهو به سوال ڪيو ويو ته توهان جو ڦڏو ته جنرل باجوا سان هو؟ جنرل عاصم منير سان ڪهڙو تڪرار هو؟ اڳوڻي صدر ان سوال جو جواب نه ڏنو،امدادسومري اهو به سوال ڪيو ته توهان رڳو آرمي چيف نه پر چيف جسٽس مان به خوش ناهيو،ان ملاقات مان اهو تاثر مليو ته عمران خان عارف علوي کي فوج سان ڳالهين جو مينڊيٽ ڏنو آهي