خيرپور( س ر) هندو پنچائت خيرپور جي اڳواڻ دليپ ڪمار چيو آهي ته پريا ڪماري کي بازياب ڪرائي سندس خاندان سان انصاف ڪيو وڃي، هن چيو ته پريا ڪماري جي مبينه اغوا واري واقعي تي سموري سنڌ جي هندو برادري ۾ ڏک ۽ مايوسي پکڙيل آهي، مسلم رياست ۾ معصوم هندو نينگري پريا ڪماري جي اغوا سان ڪيترا ئي سوال جنم وٺن ٿا، پر افسوس آهي جو سنڌ پوليس پريا ڪماري کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام آهي.