ڪراچي ( رپورٽر ) ٽن سالن کان اغوا ٿيل نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ لياقت جلباڻي، اسد اقبال، پنڊت مهيش، سنڌيا سومرو، سهڻي پارس، ارباب خالد پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. هنن چيو ته سنڌ حڪومت جي پريا ڪماري جي مسئلي تي بي حسي ثابت ڪري ٿي ته هي جمهوريت عوام جي نه آهي،هنن چيو ته سنڌ ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙي تي سنڌ حڪومت ۽ پيپلاپارٽي جي قيادت ملوث آهي. هنن وڌيڪ چيو ته جيستائين پريا آزاد نه ٿيندي احتجاج جاري رهندو. مظاهرين پريا ڪماري جي بازيابي لاء سخت نعريبازي ڪئي.