نصيرآباد(ن ع آ) معصوم نينگري پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سول سوسائٽي نصيرآباد طرفان ڪالھ بينڪ چونڪ وٽ جي ايم لاشاري، آفاق سمون، رياض علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ علامتي بک هڙتال ڪئي وئي جتي شھري اتحاد نصيرآباد جي صدر معشوق ڦلپوٽي، عنايت الله تونئي، عوامي ورڪرز پارٽي جي نجي چني، عمران نوناري، ايس يو پي اڳواڻ نويد ساگر ڪانڌڙي، غلام نبي منگي، نوجوان اتحاد جي اڳواڻ ساگر چانڊئي، توفيق ڪلھوڙي، قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ حفيظ تونئي، آفتاب ميراڻي، سميت مختلف سياسي سماجي ڪارڪنن ۽ ننڍڙن ٻارن ڀرپور شرڪت ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته 3 سال اڳ سکر جي شھر سنگرار مان معصوم پريا ڪماري کي مولا جي سبيل هلائيندي اغوا ڪيو ويو هيو جا اڄ ڏينھن تائين سنگرار جي شاهن/سيدن جي ڪوٽ ۾ قيد آھي پر حڪومتي ادارا معصوم نينگري کي بازياب ڪرائڻ لاءِ مڪمل طور تي خاموش ۽ بي وس بڻيل آھن جنھن جي سخت مذمت ڪجي ٿي هنن مطالبو ڪيو ته 12 مئي مائرن جو عالمي ڏينھن آھي ان ڏينھن تي معصوم نياڻي کي آزاد ڪرائي ھڪ ماءُ جي خالي جھولي ڀري وڃي
-
نواز ليگ سياسي اتفاق راءِ جي حامي، عمران خان نويڪلائي جو شڪار؟
لاهور(معظم فخر) ن ليگ گريٽر ڊائيلاگ چاهي ٿي،جنهن ۾ پي ٽي آءِ سميت سموريون پارٽيون،عدليه ۽ فوج شامل هجن،ن ليگ کي اندازو ٿي ويو آهي ته هوائن جو رخ سندن حق ۾ اچي رهيو آهي، ڇو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ پي ٽي آءِ وچ ۾ ڳالهين جو امڪان نظر نه پيو اچي، ان موقعي مان فائدو وٺڻ وڏو سوال آهي،ان ڊيڊلاڪ ۾ نواز ليگ لاءِ موقعو آهي ته اها پنهنجي لاءِ وڌيڪ سياسي خال کي ڀري سگهي جڏهن ته نوازشريف کي ٻيهر منظر تي آڻڻ لاءِ راهه هموار ٿي رهي آهي جڏهن ته اها پاڪستان تحريڪ انصاف کي اڃا به وڌيڪ ڀت سان لڳائي سگهي ٿي،سياسي منظرنامي تي عمران خان جي پوزيشن ڪمزور نظر اچي رهي آهي، پي ٽي آءِ باني پنهنجي انا ۽ ضد جي ڪري وڌيڪ سياسي نويڪلائي جي رستي تي گامزن آهي،راڻا ثناءُ الله تازو خواهش ظاهر ڪئي ته ڳالهيون ٿيڻ گهرجن،عمران خان جي آزادي به هن اتفاق راءِ سان مشروط ڪئي،سياسي ڳالهيون سياستدانن وچ ئي ٿيڻ گهرجن
-
حڪومت مخالف تحريڪ جي ناڪاميءَ جو امڪان
اسلام آباد(عاصمه شيرازي)حڪومت مخالف تحريڪ جي جدوجهد مان مولانا فضل الرحمان جي غير موجودگي تي سوال اٿي رهيا آهن، مولانا فضل الرحمان ڪنهن به تحريڪ جي ڪاميابي جي ضمانت آهي، پر في الحال اهو ان جي اجلاسن مان غير حاضر آهي. ان لاءِ اها تحريڪ ڪامياب ٿيڻ جا امڪان گهٽ آهن. مولانا جي غير موجودگي ۾ تحريڪ وٽ اسٽريٽ پاور نه هوندو، پي ٽي آءِ وٽ ووٽ بئنڪ آهي پر اها ان کي اسٽريٽ پاور م تبديل نه ٿي ڪري. پي ٽي آءِ مشهور پارٽي آهي، پر اها رستن تي ماڻهن کي ڪارڊ طور استعمال نه ڪري سگهي. پي ٽي آءِ هن وقت انتشار جو به شڪار آهي، پارٽي وٽ قيادت جي کوٽ آهي، جنهن جي ڪري پارٽي کي نقصان ٿي رهيو آهي. شير افضل مروت جي مقبوليت ئي سندس دشمن بڻجي وئي، هن پي ٽي آءِ کي ٻيهر زنده ڪيو، هاڻي عارف علوي اڳتي اچي پارٽي سنڀاليندو. هن سان گڏ فواد چوڌري به واپس پارٽي ۾ اچي سگهي ٿو. ٻئي پارٽي ۾ موجود پارٽي اڳواڻن کان بهتر آهن.