دادو(غوث جهتيال) سنڌ ڄائي نياڻي پريا ڪماري جي آزاديءَ لاءِ پريا ڪماري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي دادو ۾ به اعجاز ملڪاڻي، منصور پنهور، عبدالحميد ميمڻ، اعجاز ملاح، عرض محمد مگسي، سجاد ملاح، اسرار هيسباڻي، سارنگ چنه، سڪندر کوکر، ڪامريڊ مدثر وگهيو ۽ ٻين احتجاجي مظاهرو ڪري دادو پريس ڪلب آڏو ڌرڻو هنيو، مظاهرين چيو ته 3 سال گذرڻ باوجود سنڌ سرڪار پريا ڪماري کي آزاد ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، آءِ جي سنڌ توڙي سنڌ جا حڪمران معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ سجيده ناهن، ادارا سنجيده هجن ها ته هن وقت تائين پريا ڪماري بازياب ٿي پنهنجن وارثن وٽ پهچي وڃي ها،