نصير آباد ۾ شهيد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ريلي

نصيرآباد(رپورٽ بشيراحمد بروهي) جسٽس فار هدايت لوهار ايڪشن ڪميٽي ۽ مسنگ پرسنز آف سنڌ جي مرڪزي ڪال تي سڄي سنڌ جيان نصيرآباد ۾ به سينيئر استاد ۽ قومي ڪارڪن شھيد ھدايت لوھار جي قاتلن جي  گرفتاري، کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي ۽ لاڙڪاڻو پرامن ريلي مٿان رياستي ڪاھ ڪري قومي ڪارڪنن، شھرين ۽ وارثن مٿان مڙھيل ڪوڙن ڪيسن خلاف ڪالھ نوناري محلي کان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي جنھن ۾ عورتن، ٻارڙن سميت سياسي سماجي ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، شھيد هدايت لوهار جي نياڻي سسئي لوهار خطاب ڪندي چيو ته سنڌ مقتل گاھ بڻجي چڪي آهي شھر شھر ڳوٺ ڳوٺ گھٽيءَ گھٽيءَ سرڪاري توڙي غير سرڪاري قاتل ٽولا گھمندا ڦرندا وتن ٿا هن چيو ته انھن قاتل ٽولن مان ڪجهھ وري سنڌ جي باشعور سياسي ۽ قومي ڪارڪنن کي زور زبردستي کنڀي گم ڪري رهيا آهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.