ڪراچي(رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڊفينس خيابان بخاري جي بنگلي مان هڪ ڇوڪريءَ جو ڦاهو ڏنل لاش هٿ آيو. ڊي آءِ جي اسد رضا موجب شروعاتي جاچ ۾ قتل جو شڪ آهي. جناح اسپتال ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي پوليس عملدارن چيو ته بنگلي جو مالڪ ڊاڪٽر آهي. سندس چوڻ آهي ته ڇوڪريءَ خودڪشي ڪئي آهي، ڇوڪري هڪ سال کان ان بنگلي ۾ ڪم ڪري رهي هئي. واقعي وقت ڊاڪٽر فيمليءَ سان گڏ ٻاهر ويو هو. شروعاتي جاچ ۾ واقعو پراسرار لڳي رهيو آهي.