غوثپور (ن ع آ ) غوثپور پوليس ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ مجاهد عبدالغفور ڏاھاڻي ۾ نامعلوم هٿياربندن جديد ھٿيارن سان ڳوٺ تي حملو ڪري ڳوٺاڻن مٿان ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا.ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ علي نواز پٽ خميسو بھلڪاڻي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ دليل بهلڪاڻي گوليون لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو هٿياربندن ڪچي طرف فرار ٿي ويا واقعي جو اطلاع ملڻ تي غوثپور ايس ايڇ او اعجاز احمد کوسو پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته زخمي کي علاج لاءِ سکر جي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي مقتول علي نواز بهلڪاڻي بهلڪاڻي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ سوين ماڻھو واقعو ٻڌي سندس اوطاق تي پھچي ويا۔حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو علائقي ۾ خوف ڇانئجي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو پوليس پاران معاملي جي جاچ شروع ڪري ڏني علائقي ۾ چوٻول آھن ته ڀيا برادري جي هٿياربندن حملو ڪري ڏنو آهي هڪ ڄڻو کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.