ڪراچي ( رپورٽر ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايس ايس پي ميرپورخاص اسد چوڌري جي سياسي اڳواڻن کي چانهه پيارڻ واري وڊيو تي چيو آهي ته هي انتهائي غلط عمل آهي، پوليس آفيسر پنهنجو وقار برقرار رکي.جاري ڪيل بيان ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته هو ايس ايس پي کان لکت ۾ وضاحت طلب ڪندا ته ، اها حرڪت ڇو ڪئي پر ان جو جواب ڏيڻو پوندو.هن اهو به چيو آهي ته معاملي تي انضباطي ڪارروائي به شروع ڪئي ويندي، اهڙن واقعن سان عوام ۾ پوليس جو اميج خراب ٿئي ٿو.ياد رهي ته 8 مئي تي تقريب دوران ايس ايس پي سياسي اڳواڻن کي چانهه پياري هئي.