سعودي ولي عهد سياسي بي يقيني سبب دورو ملتوي ڪيو؟

اسلام آباد(نجم سيٺي) سعودي ولي عهد شهزادي محمد بن سلمان پنهنجو پاڪستان جو دورو ان ڪري ملتوي ڪيو ڇو ته سعودي کي لڳي ٿو ته پاڪستان ۾ اڃا به سياسي استحڪام ناهي آيو، هي ملڪ ڪيڏي مهل به بحران جو شڪار ٿي سگهي،سعودي عرب پنهنجي سيڙپ ڪاري کي آءِ ايم ايف،عالمي بئنڪ جي آمد سان مشروط ڪيو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي پي ٽي آءِ جي بيان بازي به سعودي حڪومت کي سوچڻ تي مجبور ڪيو آهي، معاشي صورتحال ۾ ته بهتري اچي رهي آهي پر سياسي ميدان ۾ استحڪام نه آيو آهي، جڏهن ته سعودي عرب خلاف ڳالهائڻ تي پي ٽي آءِ پاران شيرافضل مروت کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.