هونئن ته انگريز سرڪار کان وٺي جيتري ترقي اسان کي گورن کان ملي يا جيترا اسان ترقيءَ لائق ٿياسين اوترا اسان شايد پنهنجي پيرن تي بيهي به نه ڪري سگهون ها، ڀلي انگريزن کان آزادي وٺي اسان سرخرو به ٿياسين، پراڃان تائين اسان وٽ انگريزن جا ٺاهيل نظام ئي آهن، جن جا اسان رڳو مينٽيننس ڪرڻ ۾ پورا آهيون يا ڪٿي اهو به نه ڪري سگهيا آهيون. (اهو هڪ اهڙو پاسو آ جنهن جي گهٽ ۾ گهٽ تعريف ڪجي) مثال اسان انگريز سرڪار جا ٺاهيل ريلوي نظام نه ته اپ گريڊ ڪري سگهيا آهيون نه ئي انهن کي صحيح نموني هلائي سگهيا آهيون. الميو اهو به آهي ته اسان وري انهن ٺاهيل پٽڙين جي مٿان پنهنجا واري واري سان قبضا ڪري گهر ٺاهي مورڳو ئي ٺاهيل پٽڙيون ئي لڪائي ۽ ڍڪي ڇڏيون آهن، جن ۾ ڪجهھ سياسي پارٽين جا آشيرواد به شامل آهن. (جيئن وڏن شهرن ۾ ٺاهيل ماڻهن جا پٽڙين تي گهر ۽ ننڍڙيون ننڍڙيون ڪالونيون) وري سکر جهڙي ”لينس ڊائون پل“ اسان جي انجينيئرنگ جي شايد وس جي ڳالھه نه هجي، يا اسان جي مڙني حڪومتن جي نيت ئي ناهي رهي ته اهڙي ڪا جڳ مشهور پل ٺاهجي. اسان ته شيرشاه ڪراچي انڊسٽريل ايريا واري پل ٺاهي رستي جا ايندڙ ويندڙ ماڻهو مارائي ويٺا هياسين، وري اسان جي ٺاهيل روڊ رستن جي ڪهڙي ڳالھه ڪجي .
اسان ته وري انهن ڪمن ڪارين جي ڳالھه ڪيون جن ۾ آمريڪي ”آشيرواد ۽ ايڊ“ شاملِ حال رهي ٿي. وري آمريڪي صدرن جي ڳالھه چوريون ته اهي سڀ اسان جي لاءِ ڪو اڪن شقن ناهن رهيا معني اسان جي لاءِ ڪو نرم گوشو نه رکندا هيا. ويجهي ماضيءَ ۾ جونيئربش ڪو ڀلو ڪو نه هيو، يا وري باراڪ اوباما به مسلمانن جي لاءِ يا خاص اسان جي ملڪ جي لاءِ رحمدل نه هيو، يا ٽرمپ جي ڳالھه ڪيون ته کڻي ٿورو مختلف هيو، جو آمريڪي “رجڊ“ پاليسي تي نه هليو، جنهن ۾ هي رڳو آمريڪي بالادستي جي ڳالھه ڪري ها. هن جون پنهنجي عوام ۾ خواريون خرابيون پنهجي جاءِ تي، پر ڳالھه ”جوبائيڊن“ جي جيت کانپوءِ شروع ٿئي ٿي، ته اسان جهڙن ملڪن جون اميدون ۽ آسرا مڙئي سرس هيا، اسان سان گڏ سڄي دنيا به انهن ۾ نظرون وجهي ٿي ويهي، ته شل انهن جون پاليسيون ڪو لاڀ ڏين، جن ۾ غريب ملڪن جي لاءِ وڏي امدادي پيڪيج جي اميد هجي ٿي، ته من ڪي اميدن ۽ آسرن جا سورج اڀري پون، جن سان خوشحالي ڪَرُ کڻي ٿي. جتي سڄي دنيا جون نظرون هن سپرپاور جي ”صدرن“ جي چوٽي جي مقابلي ڪرڻ کانپوءِ کٽڻ جون هيون. ڳالھه مڃڻ جي آ ته دنيا جتي برطانيا وٽ ليگ آف نيشن گروي هئي، هاڻي آمريڪا وٽ ”يونائيٽيڊ نيشنز“ گروي آ، جن جا فيصلا ملڪن جون تقديرون بدلائن ٿا، جن جي فيصلن ۾ طاقت هجي ٿي. جيڪي ”ويٽو پاورملڪن “جي اشاري تي سڄي دنيا لُوڏي ٿا وجهن، جن جي ”ٿنڪ ٽينڪ“ جي آڌار تي دنيا جي لاءِ جنگيون، جدال، فوجي آپريشن، مددون ۽ ڀلاين جا آسرا به ڦٽي پون ٿا.
اسان ته وري به شڪر ڪيون جو 2023 تائين اسان وٽ آمريڪا جي سيڙپ جو حدف 6.5 بلين ڊالرز هيو، جن ۾ عام واهپي جون شيون، ڪيميڪل انڊسٽري ۾ خاطرخواه سيڙپ، توانائي جي ميدان ۾ سيڙپ: جنهن ۾ بجلي، گيس ۽ مختلف توانائي جا وسيلا شامل آهن، جن جي سيڙپ ڪرڻ سان اسان وٽ روزگار جا وسيلا وڌندا رهن ٿا، جن ۾ واڌ ڪرڻ پڻ اسان جي حق ۾ هجي ٿو، جنهن سان اسان وٽ خوشحالي جا در کلندا رهن ٿا. (رڳو سيڪيورٽي جي صورتحال کي بهانو بڻائي ڪٿي سيڙپ گهٽائڻ جي ڳالھه نه ڪئي وڃي) ۽ وري آمريڪا زراعت جي شعبي ۾ سڀني ”ٽولز ۽ ٽيڪنيشنز“ کان وٺي سڀ ذريعا ۽ وسيلا پڻ مهيا ڪندو رهي ٿو، جن ۾ آمريڪي مصنوعات جو وڏو عمل دخل رهي ٿو، جيڪي اسان جي خوشحالي جا ضامن پڻ آهن. ٽرانسپوٽيشن ۽ مواصلاتي نظام ۾ ۽ خاص تعليم جي ميدان ۾ ”يو ايس ايڊ“ جون خدمتون جن جو مثال شايد ڪٿي ملي، ايڏيون وڏيون سيڙپڪاريون جيتريون آمريڪا جون اسان وٽ آهن شايد ٻئي ڪنهن ملڪ جون هجن ۽ جن جي اسان کي ضرورت پڻ ٿيندي رهي ٿي.
هاڻي وري آمريڪا، چين ۽ روس هڪ زبردست ڊوڙ ۾ به ته آهن جتي آمريڪا چين سان ”بايولاجيڪل وار“ جي ڳالھه ٿو ڪري، اتي وري وڏن بلاڪن جي ڳالھه به ته چوريندا رهن ٿا، معني ”اڪانوميڪل وار“ به ته آهي. چين جتي سڄي دنيا جي معيشت تي قبضي جو خواهان آهي، اتي آمريڪا جي لاءِ خطري جي گهنٽي به ته آهي، ڇو ته اهي ٻئي هڪٻئي جا حريف به آهن. معني آمريڪا سڀ عرب ملڪ پنهنجي هيٺان ڪري هلائيندو، جيڪي ٽرمپ پنهنجي ڪوشش سان ويجهڙ ۾ اسرائيل جي دوستي ۾ گڏ ڪيا، يا ترڪي ۽ ايران وري روس جي حمايت جي ڳالھه ڪندا رهن ٿا، اسان ته سدائين ٻه واٽي تي رهجي ويندڙ ۾ هوندا آهيون (پر هاڻي رڳو چين جي ڀر وٺي اسان شايد ڀلو ڪنداسين) ڇو ته ماضي وانگي اسان مٿان طالبان جي بهاني ڪا مصيبت نه ڪري. مسلمان انتهاپسند قوتون يا دهشتگرد پارٽيون جيڪي شام، لبنان، ايران، عراق يا افغانستان ۾ موجود رهن ٿيون يا پلجن ٿيون، انهن جا پرتوا اسان جهڙن ملڪن تي نه ڪِرن.
تازو ٿيل دهشتگردن جي واقعن ۾ جيڪي ڪي پيءَ، لاهور ۽ ڪوئيٽا ۾ نموادرا ٿيا، انهن جي سزا وري سڄو ملڪ ٿو ڀوڳي، توڻي جو اسان چمن بارڊر تي ڪنٽرول ڪرڻ ناهيون چاهيندا، جنهن جي لاءِ اسان جو ”پي ايم“ بيان ڏيڻ ۾ دير ئي ناهي ڪندو ”ته اهو بارڊر کوليو“، وري اسان ته گڏيل سڏيل افغانين ۽ ملڪي پٺاڻن ۾ فرق ئي ناهيون ڪري سگهندا جن جي لاءِ پي پيءَ جا منسٽر اهو چوڻ ۾ دير ئي ناهن ڪندا ته ”انهن کي شناختي ڪارڊ ٺاهي ڏيو“ پر اسان (شايد) دورانديش ناهيون، اسان ۾ اڃان اهو مهمان نوازيءَ وارو جذبو مئو ناهي، جنهن جون سزائون اڃان تائين پيا ڀوڳيون، پر انٽرنيشل تناظر ۾ اهي سڀ شيون پرکڻ ضروري آهن جن ۾ سُڪن پٺيان ساوا به سڙي ٿا وڃن.
اسان ته برطانيا کان جان ڇڏائڻ شرط ئي آمريڪا جي آڻ مڃي هئي، معني اسان جي وزيراعظم لياقت علي خان پهريون دورو ئي آمريڪا جو ڪيو هو، حلانڪي اسان کي بهترين آڇ روس جي به هئي پر اسان جي فارين پاليسي پهرين آمريڪا جي آشيرواد جي سڪ ظاهر ڪئي، پر ايڏي خاطرخواھ موٽ نه ملي جيڏي اسان کي روس کان ملي هئي. ڀٽي صاحب جي دور ۾ اسان کي اسٽيل مل جهڙا ادارا مليا، پر اسان جي مُهڙ وري به آمريڪا ڏي ئي رهي. اسان ته آءِ ايس آءِ يا عسڪري آشيرواد ۾ روس لاءِ طالبان جهڙا تحفا به تيار ڪيا هئا ته جيئن روس جي جارحيت کي ٻنجو ڏئي سگهون. پر اسان کي وري به نائين اليون جي بدلي ۾ نشاني تي رکيو ويو، پاڪستان ته “نيشنل ايڪشن پلان“ تحت عسڪري آپريشن ڪري انهن سڀني دهشتگرد قوتن کي نيست و نابود ڪري ڏيکاريو، انهن جون پاڙون پٽي ڏيکاريون، انهن جي ٺڪاڻن تي حملا ڪري انهن کي تباھ ڪري ڏيکارين، جن جي لاءِ ملڪي ليول تي وڏو شور هيو ته ”اسان ٻين جي ويڙھ وڙهي رهيا آهيون، اسان ٻين جي جنگ وڙهڻ ۾ پورا آهيون“. اسان پوءِ وري ”ڊيورانڊ لائين“ تي ڪهڙي اک رکي، معني هڪڙي ماڻهو کي چئون ته ڪچرو صاف ڪر ۽ ٻئي کي چئون ته ڪچرو اڇلاءِ، بارڊر ته کليل رکيو، افغان بارڊر تي ڪا سختي نه رکي، پوءِ زور رڳو حملن روڪڻ تي. ٽرمپ ته انتها درجي جو ساده لوح هيو، پر ٽرمپ جون پاليسون اسان جهڙن ملڪن جي لاءِ بهتر هيون، جنگ جدال ۾ پوڻ وارو ماڻهو نه هيو، ڀلي ”نڪ چاڙهي“ گهمندو هيو، ان جي دور ۾ افعان پاليسي تحت ڳالهيون بهترين نتيجن تي پهتيون هيون، ايستائين جو ”الائيڊ فورسز“ جي انخلا جو رستو به ڪليئر ٿي ويو هو،
آمريڪي فوجون افغانستان مان نڪري وڃڻ لاءِ تيار به ويٺيون هيون. پر جوبائيڊن جي اچڻ سان افغان پاليسي بگڙي وئي، ڇو ته طالبان سان پوئين مهيني ٿيل ڳالهيون ڪامياب نه رهيون، پوءِ اهي وري پنهنجون ڪاروايون ڪندا رهندا، جنهن جي لاءِ خطي جي صورتحال بگڙجندي ويندي جنهن جا نتيجا اسان کي ڏسڻا پوندا. وري آمريڪي جي بالادستيءَ، اقتصادي ۽ معاشي برتري، دنيا جي ٺهندڙ بلاڪن جي سرد جنگ ۽ بايولاجيڪل وار ۾ اهو ضروري هوندو ته آمريڪا ٺهندڙ بلاڪن ۾ پاڪستان کي ڪنهن انڊيڪس ۾ فڪس ڪري. ڇو ته اسان جا چين سان لاڳاپا پڻ اهميت جا حامل آهن جنهن ۾ وڏو سوال ”سي پيڪ ڪوريڊور“ جي هلي پوڻ جو به آهي. سعودي کان ورتل قرض جي قسط جي ادائگي به آهي. انهن سڀني ڳالهين ۾ ملڪن سان سفارتي تعلقات بهتر هجڻ جو شرط سيڪيورٽي جو صورتحال جو بهتر هجڻ لازمي آهي. طالبان يا افغانستان جي شدت پسندي يا انهن جي مدد ڪندي ڪندي اسان جي پنهنجا افعال به بڇڙا ٿي ويا آهن ۽ سيڪيورٽيءَ جي صورتحال به، جو ڪو به ملڪ اسان سان سفارتي تعلقات چڱي طرح ٺاهي هلڻ يا سيڙپ ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ان ڪري اهڙي سيڪيورٽيءَ جي تناظر ۾ اسان ته سدائين سرحدن جي ڇڪتاڻ ۾ رهنداسين، سدائين بندوقون صاف ڪندا رهياسين جو اسان کانپوءِ جا آزاد ٿيل ملڪ اسان کان گوءِ کڻي ويا.