تنگواڻي (رپورٽ: مھتاب ملڪ ) تنگواڻي جي ڊيراسرڪي پوليس ٿاڻي جي حد ٺل_تنگواڻي لنڪ روڊ وٽ بجاراڻي فلنگ اسٽيشن تان فيصل آباد رهواسي 2 مزدور محمّد راشد ۽ محمّد عباس پنجابي کي هٿيار بند اغوا ڪري ويا،ٻئي منهنجا ڀائٽريا ۽ ڀاڻيجا آهن مونکي ۽ چوڪيدار کي ٻڌي ويهارڻ بعد ٻنهي نوجوانن کي اغوا ڪري 80 هزار روڪ ڦر ڪيا ويا، مامي عطامحمّد پنجابي چيو ته هٿياربندن کي رڙيون ڪيون ته مزدور آهن ڇڏيو هٿياربندن چيو ته اسان جا ماڻهون پوليس وٽ آهن جن کي آزاد ڪرڻ بعد مزدورن کي ڇڏينداسين، مغوين جي اغوا جي ڪجهه ڪلاڪن بعد مغوين جو ويڊيو جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ مغوين جي پيرن ۾ زنجير جڪڙي ڌاڙيل ڪلاشنڪوف تاڻي مغوين مٿان تشدد ڪن ٿا، جنهن ويڊيو ۾ مغوي خدا جا واسطا ڏيندي چون ٿا ته نندواڻي برادري مٿان ٿيندڙ پوليس ريٽ نه ڪيا وڃن،سکر مان گرفتار ٿيل کي آزاد ڪيو وڃي،چاٻي چوري ۾ پڪڙيل جوابدار جي آزادي ۽ 50 لک روپيا ڀنگ ڏئي بازياب ڪرائڻ جي گهر ڪن ٿا، هوڏانهن ضلعي اندر ٿيندڙ پوليس ۽ رينجرس جا گڏيل آپريشن به نتيجا نه سگهيو،تعلقي فائق علي ملڪ،انيس بروهي، عامر سرڪي،خادم سرڪي،الهڏنو نوناري،الطاف پنهور،سردار ڪنراڻي،نواب بهلڪاڻي سميت 10 مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد آهن.