گهوٽڪي(رپورٽ : عرفان علي سومرو) گهوٽڪي ۾ ساوند سندراڻي تڪرار کي ٿاپر نه آئي گهوٽڪي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد قادرپور ڀرسان موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پوليس اهلڪار / عبدالحفيظ ساوند موقعي تي ئي قتل ٿي ويو,جڏهن ته فائرنگ سبب ٻن نينگرن سميت ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا زخمين ۾ محمد اڪرم پٽ محمد حسن سانوند ۽ سندس پٽ 8 سالن جو امتياز ۽ 6 سالن جو افتخار شامل آهن,اطلاع تي پوليس پهچي فوتي اهلڪار جو مڙهه ۽ زخمين کي کڻائي اسپتال منتقل ڪرايو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ٻئي پاسي واقعي بعد قادرپور شهر خوف سبب بند ٿي ويو ۽ ماڻهن ۾ ڀاڃ پئجي وئي، هوڏانهن واقعي جي خبر پوڻ بند ساوند برادري جا ڪيترائي ماڻهون هٿيارن سميت اسپتال پهچي ويا، ياد رهي ته ساوند سندراڻي تڪرار تان هن وقت تائين ٻنهي ڌرين جا 30 کان وڌيڪ ماڻهون مارجي چڪا آهن ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، پوليس موجب ته هٿياربندن جي فائرنگ ۾ اهلڪار عبدالحفيظ ساوند مارجي ويو آهي ۽ ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، وارثن جي مرضي موجب ڪيس داخل ڪيو ويندو.