سکر ويجهو تيغاڻي گينگ پوليس جي مخبري ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ورتو

سکر(رپورٽ:آزاد مهر)   چار ڏينھن پوليس اھلڪار علي جان لکڻ جو ڀاءَ بھرام لکڻ ۽ وقار لکڻ کي ڪچي واري علائقي قادرا پور ٿاڻي جي حد مان اغوا ڪري ڪچي ۾ کڻي ويا چار ڏينھن بعد به پوليس مغوين کي بازياب  ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي، اھڙي اغوا واري واقعي جو ڪو به ڪيس حد سائيٽ ٿاڻي ۽ قادرا پور ٿاڻي تي داخل ناھين ڪيو ويو اغوا ٿيل مغوين جي وارثن کي اعتماد جوڳن ذريعن جي ڄاڻ موجب مارجي ويل ڌاڙيل جھرڪي تيغاڻي جي ڀاءُ بخت علي تيغاڻي فون ڪري مغوين جي اغوا ڪرڻ جو قبولي ورتو آھي ۽ چيو  آھي ته ايس ايس پي عرفان سمون سکر ۾ مقرري دوران پوليس اھلڪار علي جان لکڻ  اسان جو ماڻھو مبينا مقابلي ۾ مارايو ھو، ان جي پلاند ۾ پوليس اھلڪار علي جان  جو ڀاءُ بھرام لکڻ ۽ ڀائٽي وقار لکڻ کي اغو ڪيو ويو آھي، اسان جو پوليس ھٿان مخبري ڪري مارايل ماڻھو جو پلاند اڃان حساب رھيل آھي جيڪڏھن راڄوڻي طريقي سان منھن نه ڏنو ويو ته ھنن کي ماري لاش اوھان ڏي موڪلينداسون، ڌاڙيل تيغاڻي جي فون ۽ ويڊيو موڪلڻ بعد پوليس سمورو معامرو ڳجھو رکيو آھي ۽ نه وري اھڙي اغوا ٿيل ماڻھن واري واقعي جو ڪو حد جي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آھي پوليس اھلڪار مغوين جي اغوا ڪرائڻ جو مبينا الزام ڪچي جي ڳوٺ مرچ بڊاڻي واري جتوئي بڊاڻي ڌر مٿان لڳايو آھي ۽ انھن کي چيو ويو آھي ته اسان جا ماڻھو اغوا اوھان ڪرايا آھن ۽ انھن مٿان دٻاءُ وڌو ويو آھي، پر ھو واقعي کان انڪاري آھن، ٻئي طرف مغوين جي بازيابي لاءِ سکر پوليس شڪارپور پوليس پاران ۽ راڄوڻي طريقي سان بازياب ڪرائڻ جون ڪوششون تيز ڪيون ويون آھن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.