اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينئر سياستدان جاويد هاشمي چيو آهي ته عمران خان کي سئو سيڪڙو صحيح نٿو سمجهان پر چونڊن ۾ هن جي پارٽي کي 180 سيٽون مليون، اڄ به عوام هن سان گڏ آهي،هڪ نجي ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن چيو ته ماڻهو سمجهن ٿا ته عمران خان ئي کين پ پ، نواز ليگ ۽ اسٽيبلشمينٽ کان ڇوٽڪارو ڏياريندو، عوام سمجهي ٿو ته پاڪستان جي ڦرلٽ ٿي رهي آهي،هن چيو ته نوازشريف لاهور ۽ مانسهره جون سيٽون هارائي چڪو آهي، مريم نواز به صوبائي سيٽ تان هارائي آهي، حمزا ۽ شهبازشريف به هارايل آهن، پنجاب ۾ ماڻهن ان جي بيانئي کي قبول ناهي ڪيو، جنرل ظهيرالاسلام ۽ جنرل فيض ڌرڻن جي سازش پٺيان هئا،عمران خان چيو ته پارليامينٽ تي چڙهائي ڪرڻي آهي پر مون انڪار ڪري ڇڏيو،