حڪومت مخالف اتحاد پاران آئين جي بحاليءَ لاءِ ملڪ گير مهم هلائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (بيورو) حڪومت مخالف پارٽين آئين جي بحاليءَ لاءِ ملڪ گير مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ جلسو ڪرڻ لاءِ انتظاميه جي رويي خلاف عدالت سان رابطو ڪيو ويو. پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ به  جلسو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.  پشتونخوا ملي عوامي پارٽي جي چيئرمين محمود خان اچڪزئي جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ حڪومت مخالف پارٽين جي اتحاد تحفظ آئين پاڪستان جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ، تحريڪ انصاف جي جنرل سيڪريٽري عمر ايوب ۽ پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ اسد قيصر، سني اتحاد ڪائونسل جو سربراهه صاحبزاده حامد رضا، بي اين پي مينگل گروپ جو اڳواڻ ساجد ترين ۽ ثناءُ الله بلوچ، مجلس وحدت مسلمين جي  اسد شيرازي ۽ تحريڪ تحفظ آئين جي ترجمان اخونزاده حسين يوسفزئي پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سياسي صورتحال بابت اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي، اپوزيشن اتحاد آئين جي بحالي لاءِ ملڪ گير مهم شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ تحريڪ کي اڳتي وڌائڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصل آباد ۽ ڪراچي ۾ ٿيندڙ جلسن لاءِ انتظاميه خلاف عدالت سان رابطن ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. مخالف ڌر جي اتحادي چيو ته عوامي ميڙاڪا ڪرڻ اسان جو آئيني، قانوني ۽ جمهوري حق آهي، جلسا هر صورت ۾ ٿيندا رهندا، هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت ختم ٿي چڪي آهي ۽ آئين سان کيڏيو پيو وڃي، اسان جي تحريڪ آئين جي بحاليءَ تائين جاري رهندي. تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت 7 مئي جي پريس ڪانفرنس کي غير آئيني، غيرقانوني ۽ اختيار کان مٿاهين قرار ڏيندي رد ڪئي وئي. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ملڪ ۾ آئين ٽوڙيندڙن کي قوم کان معافي وٺڻ گهرجي. اجلاس ۾ گوادر ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ 7 بيگناهه ماڻهن جي قتل جي مذمت ڪندي سندن گهرڀاتين سان ڏک جو اظهار ڪيو ويو. اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ بار جي وڪيلن تي تشدد ۽ گرفتارين جي مذمت ڪئي وئي، اجلاس ۾ پنجاب ۾ هارين سان ٿيندڙ ناروا سلوڪ جي به سخت مذمت ڪئي وئي. اپوزيشن اتحاد چيو ته اپوزيشن اتحاد هارين جي مطالبن جي حق ۾ ساڻن گڏ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.