لاهور ( م ڊ ) پنجاب حڪومت ايندڙ سال ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ صوبي ۾ ڪڻڪ جي خريداري بابت به نئين پاليسي جوڙي ويندي.رپورٽ مطابق پنجاب حڪومت ڪڻڪ جي خريداري جي معاملي تي نئين پاليسي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ذريعن موجب پنجاب حڪومت ايندڙ سال ڪڻڪ خريد نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، صوبائي خوراڪ کاتي 191 هزار هارين جون درخواستون واپس ڪري ڇڏيون آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته هارين کان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو معاملو خانگي شعبي تي ڇڏيو ويندو ڇو ته پنجاب حڪومت وٽ هڪ سال جو ڪڻڪ جو اسٽاڪ موجود آهي ۽ خزاني ۾ هڪ اندازي مطابق 22 لک 70 هزار ٽن ڪڻڪ موجود آهي.