ڪراچي (پ ر)اسلامي سنڌ گهر ڪئي آهي ته سنڌ ۾ اُرڙي تي ضابطو آڻي معصوم ٻارن جي حياتين کي بچايو وڃي، حڪومتي بي ڌياني سبب اُرڙي صوبي ۾ وبائي شڪل اختيار ڪري ورتي آهي، تيل، گئس ۽ ڪوئلي سميت زراعت جي دولت سان مالا مال سنڌ سونهاري جا معصوم گُلن جهڙا ٻارڙا اُرڙي جي بيماري ۽ بُک وگهي مري رهيا آهن، پر حڪمران ٽولو گذريل 16 سالن کان فقط پنهنجا ڀڀ ڀرڻ ۾ پورو آهي. جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير ڪاشف سعيد شيخ سکر، تنگواڻي، ٺٽو، ٽنڊوالهيار ۽ سجاول سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن توڙي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ اُرڙي وگهي ٻارڙن جي فوت ٿيڻ وارن واقعن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ هڪ پاسي اُرڙي جي وبا گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان هلي رهي آهي ته ٻئي پاسي وري ٿر تي به هڪ ڀيرو ٻيهر بُک ۽ بيمارين حملو ڪيو آهي جتي غذائي کوٽ ۽ بيمارين جي نتيجي ۾ هيل تائين هزارين معصوم ٻارڙا فوت ٿي چڪا آهن، ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ سرڪار جو عوام کي رليف ۽ بيمارين کان بچاءُ لاءِ ڪوبه ڪردار نظر ڪونه ٿو اچي.