ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي مڪاني حڪومت ، هائوسنگ ٽائون پلاننگ ۽ پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته اسان انهن علائقن ۾ ڪم نٿا ڪريون، جتي اسان جو ووٽ بئنڪ آهي، پيپلزپارٽي پاران اھڙن لڳندڙ الزامن کي رد ڪيو ويو آھي. صوبائي وزير چيو تھ هن شهر جون حقيقتون مون کي به معلوم آهن ۽ انهن کي به، جيڪي ماضيءَ ۾ هن شهر جا دعويدار رهيا آهن. سنڌ جو گورنر تبديل ٿيڻ ڪا وڏي ڳالهه ناهي. لوڪل گورنمينٽ ڪميشن اڳوڻي نگران حڪومت پاران ٻن شهرن وچ ۾ ڪيس جو فيصلو معزز عدليه جي حڪمن تي عمل ڪندي ڪيو آهي ۽ لوڪل گورنمينٽ ڪميشن کي فيصلو تبديل ڪرڻ جو اختيار ناهي، اهو اختيار سنڌ جي وڏي وزير وٽ آهي. ڪورنگي ٽائون جي چيئرمين مختصر عرصي ۾ ڪورنگي ۾ رڪارڊ ترقياتي ڪم مڪمل ڪيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪورنگي عيد گاهه گرائونڊ ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي افتتاح جي موقعي تي منعقد ٿيل تقريب کي خطاب ڪندي ۽ صحافين سان ڳالھھ ٻولھھ ڪندي ڪيو. صوبائي وزير چيو تھ هي منصوبو ڪلڪتي (پروجيڪٽ لوڪل گورنمينٽ ڊپارٽمينٽ) جي تعاون سان 22 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان مڪمل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪراچي جي ملير ايڪسپريس سان ڪورنگي جي عوام کي به فائدو ٿيندو. سعيد غني چيو ته ڪورنگي ۾ اين آءِ سي وي ڊي کان به وڏي دل جي اسپتال ٺاهي پئي وڃي، هي اسپتال نه رڳو ڪراچي يا پاڪستان ۾ دنيا جي پهرين دل جي اسپتال هوندي، ان ۾ 1200 کان وڌيڪ بسترا هوندا. هن چيو ته اسان ڪورنگي جي عوام لاءِ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لا يونيورسٽي ٺاهي رهيا آهيون، جڏهن ته هتي هڪ وڏي اسپتال پڻ ٺاهي وئي آهي ۽ جلد هتي جي عوام کي به پنهنجون خدمتون فراهم ڪنداسين. هن چيو ته اسان جي مقبوليت جو سبب اسان جو ڪم ۽ خدمت آهي. هن چيو ته جن ضلعن ۾ پيپلزپارٽي کي گهٽ ووٽ مليا آهن انهن ۾ به ٻين علائقن جيان ئي ڪم ٿي رهيو آهي.