ماءُ ۾ خدائي خصلتون سمايل آھن تڏھن ته ھوءَ پيار ۽ پاٻوھ جو مھا ساگر ھوندي آھي. دنيا جون ڪيتريون به سختيون سھي پر ان جي زبان پنھنجي اولاد لاءِ آخر تائين امرت رس سان ڀريل ھوندي آھي ھر وقت دعائون گھرڻ ۽ پيار جي پالوٽ ڪرڻ ان جي خمير ۾ شامل ھوندو آھي. جيڪڏھن دنيا ۾ خدا جو روپ ڏسڻو ھجي ته ماءُ کي ڏسجي ڇاڪاڻ ته جيئن خدا پنھنجي بندي لاءِ ھي آسائشن جو آستانو جوڙيو آھي اھڙي طرح ھڪ ماءُ به پنھنجي اولاد لاءِ ان جي خواھشن يا پنھنجي خوابن جي تڪميل لاءِ جستجو ڪندي رھندي آھي پنھنجي زندگيءَ جي آخري گھڙيءَ تائين. اھو ئي سبب آھي جو چيو ويو آھي ته جنھن گھر ۾ ماءُ ناھي اھو گھر قبرستان آھي ان مان اندازو لڳايو ته گھر جي سونھن سوڀيا يا ڪنھن گھر جي زندگي ان ھڪ ڪردار جنھن کي ماءُ چئجي ٿو تنهن
سان وابسته آھي، يا ان ھڪ ڪردار جي چوڦير ڦري ٿي.
چاهے کتنی ھی سجاوٹ سے مزین ھو مگر،
ماں نظر آئے تو گھر اصل میں گھر لگتا ھے۔
انساني تخليق ۾ ماءُ ھڪ مڪمل وجود آھي جتي دنيا جا سڀ دڳ، پيچرا، خواب ۽ خواھشون، اميدون ۽ آسرا اچي دنگ ٿا ڪن جنھن روپ ۾ پوري خدائي سمايل ھجي اھا ڪا عام ھستي ته ڪو نه ھوندي مالڪ سائينءَ جنھن جو روپ ڌاريو آھي اھا ھستي سد بار لائق تحسين آھي. ھيءَ اھا ھستي آھي جنھن رب کي بندي سان جوڙيو آھي دنيا جون سڀ مائرون محبت ۽ توقير جون حقدار آھن.
اڄ مائرن جو عالمي ڏينھن آھي ۽ مان پنھنجي امڙ کان ڪوھين ڏور آھيان ڇو جو منھنجي امڙ کي دنيا ڇڏي ٽي سال ٿي ويا آھن، اھي ٽي سال اسان ڪيئن گذاريا آھن اھو ڪو اھل دل ئي سمجھي سگھي ٿو. منھنجي امان رب جي مھربانين ۽ صفتن سان ٽمٽار ھئي ھوءَ عبادت گذار، مھمان نواز، سخي، انسان دوست، ٻين جي ڪم اچڻ واري، ٻين جي ڏک، درد ۽ تڪليف کي محسوس ڪرڻ واري، ماڻھن جي مدد ڪندڙ انھن جا وس آھر مسئلا حل ڪندڙ، سگھڙ، سيبتي، علم دوست، ھڪ زنده دل ۽ زندگيءَ سان ڀرپور ھئي. منھنجي امڙ کي جيڪي خوبيون رب پاڪ ڏنيون شال اھي خوبيون ھر عورت کي ڏئي ته ھوند سماج جنت نظير بڻجي وڃي. ڇاڪاڻ ته اڄ جي عورت سڀاڻي جي ماءُ بڻجندي جيڪڏھن ان ۾ الاھي صفتون ھونديون ته اها ايندڙ نسل ۾ منتقل ڪندي. پر مون کي فخر آھي پنھنجي ماءُ تي جنھن اسان جي بھترين تربيت ڪئي ۽ اسان کي دنيا ۾ جيئڻ جو ڍنگ سيکاريو معاشري جو ھڪ فعال ۽ مددگار، احساسن سان لبريز انسان بنايو. ڪڏھن به ڪنھن جي گلا، غيبت يا ڪنھن مٽ مائٽ يا اوڙي پاڙي واري سان نفرت يا عداوت جي ترغيب نه ڏني بلڪه بُري سان به ڀلو ھلڻ جو درس ڏنو. امان چوندي ھئي ته ڪنھن جي اصلاح ڪرڻي ھجي ته ان سان وڌ کان وڌ نيڪي ڪيو، ان جي ڪم اچو ته جيئن ان کي پنھنجي غلطيءَ جو احساس ٿئي ۽ اها نيڪي ۽ فلاح جو رستو وٺي.. اھو ئي سبب آھي جو ماءُ جي ھنج کي ٻار جي پھرين درسگاھ چيو ويو آھي ڇاڪاڻ ته انسان ھجي يا ڪا عمارت جيستائين بنياد مضبوط نه ھوندو ته اھا ڪم جي نه رھندي. اھڙي طرح ھڪ ٻار جي به تربيت سٺي نه ھوندي ته اھو معاشري لاءِ ڪار آمد انسان بنجي نه سگھندو. سماج کي سٺن انسانن جي ضرورت آھي ڪرپٽ آفيسرن جي نه. اڄ اسان جي سماج کي اھڙين مائرن جي اشد ضرورت آھي جن وقت کي غازي، غيور، سورھيه، سرويچ، دولهھ ۽ دودا ڏنا، ڀٽائي ۽ قلندر ڏنا سماج سٺين عادتن ۽ سوچن سان ٺھندو آھي وڏين ڊگرين حاصل ڪرڻ سان نه.