ڪراچي (رپورٽر ) ڪراچي ۾ اينٽي هيومن ٽريفڪنگ سرڪل ڪارروائي ڪئي، غيرقانوني پاسپورٽ ٺاهڻ ۾ ملوث افغان شهري سميت چار ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ايف آءِ اي ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدارن ۾ مجيب الله، حماد احمد، محمد انيس ۽ غلام عباس شامل، جوابدار مجيب الله ايجنٽ ۽ سهولتڪارن جي مدد سان پاڪستاني پاسپورٽ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ايف آءِ اي ترجمان موجب جوابدارن کي پاسپورٽ آفيس صدر ڪراچي جي ٻاهران گرفتار ڪيو ويو، جوابدار مجيب الله جو اصل نالو زرداد آهي ۽ تعلق افغانستان سان آهي. ايف آءِ اي ترجمان جو چوڻ هو ته جوابدار مجيب الله ڪجهه مهينا اڳ غيرقانوني طريقي سان بارڊر پار ڪري ڪراچي پهتو هو، جوابدار جعلسازي ذريعي مجيبب الله جي نالي سان پاڪستاني سڃاڻپ ڪارڊ به حاصل ڪيو هو.
-
سنڌ ۾ لڱ ساڙيندڙ گرميءَ کانپوءِ برسات جي اڳڪٿي
ڪراچي (م ڊ) سنڌ ۾ لڱ ساريندڙ گرميءَ کانپوءِ موسميات کاتي طرفان مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي موجب، سنڌ، پنجاب جي مختلف شهرن جيڪب آباد، دادو، سکر، نواب شاهه، حيدرآباد سميت ڊيرا غازي خان، ملتان ۽ بهالپور ۾ گرميءَ جي شدت اڄ به برقرار رهندي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته لاهور، راولپنڊي، سرگوڌا، گوجرانوالا، جيڪب آباد، سکر، ڪشمور قلات ۽ زيارت جي ڪجهه علائقن ۾ آنڌاري ۽ برسات ٿي سگهي ٿي .ان کانسواءِ پشاور، سوات، مالاڪنڊ، ڪرم ۽ وزيرستان سميت خيبرپختونخوا جي مختلف حصن ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ به برسات جو امڪان آهي.