رشتن تان ويساهه کڻائيندڙ واقعو، ڀنگ نه ملڻ تي ڀيڻيوي هٿان نينگر قتل

ڪراچي ( رپورٽ: حفيظ ڦلپوٽو ) 12 سالن جي ٻارڙي کي اغوا ڪندڙن پاران ڀنڱ نه ملڻ تي قتل ڪري ڇڏيو. اورنگي ٽائون مدينه ڪالوني  مان 2 ڏينهن اڳ اغوا ٿيل 12 ورهين جي ٻارڙي کي ڀنگ نه ملڻ تان  بيدردي سان قتل ڪري ڇڏيو . اي وي سي سي پوليس اغوا ٿيل ٻارڙي جي قتل ۾ ملوث ڀيٽيوي ۽ سندس دوست کي گرفتار ڪري ٻار جو لاش هٿ ڪري ورتو. 8 مئي تي اورنگي ٽائون سيڪٽر 11 جي رهواسي 12 ورهين جي ٻارڙي محمد عبيد عرف احسن ولد محمد اشتياق کي مومن آباد ٿاڻي جي حد مدينه ڪالوني اسٽريٽ نمبر 4، گهر نمبر 431 مان اڻڄاتل هٿياربندن اغوا ڪري ويا هئا. اغوا ٿيل ٻارڙي جي پيءُ محمد اشتياق جي فرياد تي جوابدارن خلاف قلم نمبر 24/256 قلم 364 تحت ٿاڻي مومن آباد ۾ ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي. 9 مئي تي اغوا ٿيل ٻارڙي جي والدين کي فون آيو ته اغوا ڪندڙن کان 15 لک رپيا ڀنگ جو مطالبو ڪيو ويو. اورنگي ٽائون ۾ اي وي سي سي ۽ سي پي ايل سي ٽيڪنيڪل بنيادن تي گڏيل ڪارروائي ڪري 2 جوابدارن فرقان ۽ فرحان کي گرفتار ڪري ورتو. اي وي سي سي پوليس گرفتار جوابدار جي نشاندهي تي منگھوپير جي علائقي خير آباد مان اغوا ٿيل ٻارڙي جو لاش هٿ ڪيو. گرفتار ٿيل مرڪزي جوابدار فرقان قتل ٿيل ٻارڙي جو ڀيڻيوو آهي، جڏهن ته ٻيو جوابدار فرقان جو دوست فرحان آهي. گرفتار جوابدار جي سڃاڻپ بعد پوليس منگھو پير واري علائقي ۾ پهچي وئي، جتان قتل ٿيل ٻارڙي جو لاش هٿ ڪيو ويو. ايس ايس پي اي وي سي ٻڌايو ته اغوا ٿيل ٻارڙي جي ماءُ هڪ مهينو اڳ دبئي مان واپس آئي هئي، مقتول ٻارڙي جي ماءُ وٽ 15 کان 20 لک رپيا هئا، جڏهن ته گهر ۾ داخل ٿي اصلي جوابدار فرقان ٻارڙي جي گهرڀاتين کان 15 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو .گرفتار جوابدار ٻارڙي کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪري ڇڏيو . پوليس کي بازيابيءَ لاءِ ڪا به ڪارروائي ڪرڻ جو وقت نه ملي سگهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.