ڳڙھي خيرو(ن ع آ) ڳڙھي خيرو ڀر سان دوداپور ٿاڻي جي حد حسين آباد ۾ ھٿياربندن فائرنگ ڪري پنهنجي دڪان تي ويٺل پريس ڪلب جيڪب آباد جي اڳوڻي صدر صحافي حاڪم علي ايري جي نوجوان ڀاڻيجي حبدار علي ايري کي قتل ڪري فرار ٿي ويا، اطلاع ملندي ئي ايري برادري جا ماڻهو وڏي تعداد ۾ واقعي واري ھنڌ پھچي ويا، پوليس ضروري ڪاروائي لاءِ تعلقي اسپتال ڳڙھي خيرو آندو ويو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، ايري برادري پاران ڳڙھي خيرو/ جيڪب آباد روڊ تي لاش رکي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي صحافي حاڪم علي ايري چيو ته منهنجي جي قتل ۾ ملوث ھٿياربند "ڏاھاڻي” قبيلي سان تعلق آهي، ھن وقت پوليس قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري نه سگهي آهي، پوليس ڏوھارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي، ڳوٺاڻن ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.