ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر فريال ٽالپر جو چوڻ آهي ته 9 مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، هر پاڪستاني کي مذمت ڪرڻ گهرجي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي سزا ڏني وڃي. سنڌ اسيمبلي اجلاس دوران خطاب ڪندي ايم پي اي فريال ٽالپر جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان سڀ متفق آهيون ته جيڪي واقعا 9 مئي تي ٿيا اهڙا واقعا ٻيهر نه ٿيڻ گهرجن.