عبدالباري پتافي جي بلاول ۽ فريال ٽالپر سان ملاقات، گهوٽڪي ضلعي جي ترقياتي منصوبن بابت آگاهي ڏني

ڪراچي(رپورٽر) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير عبدالباري پتافي جي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر سان ملاقات ڪئي، ضلعي گھوٽڪي جي ترقياتي منصوبن سميت سياسي صورتحال بابت قيادت کي آگاهي ڏني وئي.

  1. ڪي پي ۾ سڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي،6 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي ( م ڊ )  خيبرپختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن مختلف ڪارروائين ۾ 6 دهشتگرد مارجي ويا.آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.آءِ  ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ان ڪارروائي دوران سڪيورٽي فورسز 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.ان کان علاوه اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن ۾ هڪ ٻيو دهشتگرد انعام الله مارجي ويو.

آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد سڪيورٽي فورسز ۽ معصوم شهرين خلاف دهشتگردي جي ڪيترن ئي ڪاررواين ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ موجود ٻين دهشتگردن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.