ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي وقتي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي ته فارم 47 جي به 9 مئي وانگر تحقيقات ڪرائي وڃي ته سڀ اڇا ڪارا پٽ پڌرا ٿي پوندا، ڪيتري افسوس جي ڳالھ آھي ته عوام جي حمايت سان فارم 45 موجب کٽيل ماڻھو در در جا ڌڪا ۽ فارم 47 تي کٽرايل مزا ماڻي رھيا آھن ھڪ بيان ۾ هن چيو ته 9 مئي 2023 جي پر تشدد واقعن جي سڄي قوم مذمت ڪئي آھي ادارن ۽ قومي ملڪيتن کي نشانو بنائڻ واري عمل جي ڪوبه وطن دوست حمايت نٿوڪري سگهي تنھن ھوندي ھر اداري کي آئينن ۾ ڏنل دائري ڪار ۾ رھي پنھجو ڪم ڪرڻو پوندو.