عدليه ٻڌائي 9 مئي ڪيس منطقي انجام تائين ڇو نه پهتا؟ عطا تارڙ

اسلام آباد(بيورو)سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته 9 مئي تي پاڪستان خلاف گهڻ رخي سازش ڪئي وئي، مان عدليه کان  پڇڻ چاهيان ٿو ته 9 مئي جا ڪيس منطقي انجام تائين ڇو نه پهچايا ويا آهن، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته 9 مئي ملڪي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، 9 مئي تي ملڪي دفاع کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، 9 مئي جو واقعو هڪ منظم سازش تحت ڪرايو ويو. عطا تارڙ  چيو ته 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث عنصرن خلاف ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن، هن چيو ته سياسي معاملا جيڪي به هجن ڪنهن به سياسي پارٽي ڪڏهن به ملڪ تي حملي جي اجازت ناهي ڏني، هڪ سياسي گروهه پنهنجي مفادن لاءِ ملڪ تي حملو ڪيو.هن چيو ته پاڪ فوج دنيا جي بهترين فوجن ۾ شمار ٿئي ٿي، ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ وارن ملڪ جي ساک کي سخت نقصان پهچايو آهي. 9 مئي تي شرپسند گروپ شهيدن جي يادگارن ۽ حساس ملڪيتن کي نقصان پهچايو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.