9 مئي واقعن تي معافي وٺڻ کان انڪار، 2014ع جي ڌرڻي جي انڪوائري لاءِ تيار آهيان\عمران خان

راولپنڊي ( م ڊ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان  2014ع جي ڌرڻي بابت پاڻ مٿان مڙهيل سمورن الزامن کي غلط قرار ڏئي ڇڏيو. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي گفتگو ڪندي عمران خان چيو ته هو 2014ع واري ڌرڻي جي انڪوائري لاءِ تيار آهي، خوشي ٿيندي ته کيس انڪوائري ڪميٽي ۾ پيش ڪيو وڃي. عمران خان چيو ته 2013ع جي اليڪشن آر اوز جي اليڪشن هئي، نگران وزيرِاعظم جي فارم 47 تي بيان کانپوءِ حڪومت سان ڪهڙيون ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون؟ پي ٽي آءِ باني وڌيڪ چيو ته صدر، وزيراعظم، پنجاب جي وڏي وزير ۽ سينيٽ چونڊ سڀ فراڊ آهي. عمران خان چيو ته 9 مئي جي واقعي تي معافي ڇو گهران؟ معافي ته مون کان وٺڻ گهرجي، جيڪڏهن توهان ڳالهائڻ نٿا چاهيو، نه  ڳالهايو،هو ملڪ لاءِ ڳالهيون ڪري رهيا آهن. پي ٽي آءِ باني چيو ته فوج اسان جي آهي ۽ اسان کي فوج سان ڪو به مسئلو ناهي، منهنجو اڌ خاندان فوج ۾ ۽ اڌ بيوروڪريسي ۾ آهي، خدا جي واسطي فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي. اڳوڻي وزيراعظم چيو ته 9 مئي جو واقعو تڏهن سامهون آيو جڏهن مون کي سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويو. باني پي ٽي آءِ جو چوڻ هو ته چونڊون ڪرائڻ لاءِ 2 حڪومتون ٽوڙيون ويون،  ڪابه سياسي پارٽي انتشار نٿي چاهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.