عمران خان فوج سان ڳالهين لاءِ بضد، سياستدانن سان ڊائلاگ کان وري انڪار

اسلام آباد(عمران شفقت) پي ٽي آءِ باني عمران خان آءِ ايس پي آر جي سربراهه جي پريس ڪانفرنس کانپوءِ ان ڳالهه تي قائم آهي ته فوج سان ڳالهيون ٿيڻ گهرجن پر فوج ڳالهين لاءِ تيار ناهي. عمران خان پاڻ کي بچائڻ لاءِ فوج سان ڳالهيون چاهي ٿو پر فوج وٽ ايندڙ پنجن ڇهن سالن تائين ڪا گنجائش پئدا ٿيندي نظر نه ٿي اچي. جيڪڏهن فوج چئن پنجن جنرلن جو سر ڏئي به عمران خان جو سر وٺڻ چاهي ته به اها ڳالهه سندن واري ۾ آهي. عمران خان اڄ به ماڻهن کي استعمال ڪري ٽشو پيپر وانگر اڇلائي ڇڏي ٿو. هو مري ويندو، ن ليگ، پيپلزپارٽي سان ڳالهيون نه ڪندو. عمران خان لاءِ بچت جو رستو گرينڊ ڊائلاگ جو ئي آهي، ان تي هلي عمران خان پنهنجي سياست کي سڌي دڳ تي آڻي سگهي ٿو. هن کي سياستدانن سان ڳالهيون ڪرڻيون ئي پونديون، اتان ئي ڪو رستو نڪري سگهي ٿو.

 9مئي واقعي تي پنهنجي پيءُ کان به معافي نه گهرنداسين: اسد قيصر

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ ) مسلم ليگ ن، پ پ ۽ ايم  ڪيو ايم اسان جو مينڊيٽ چوري ڪيو، اسان انهن سان ڪنهن به صورت ۾ نه ڳالهائينداسين. ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس تي تمام گهڻو افسوس ٿيو. اسان ڪنهن سان به ڳالهيون ڪرڻ نٿا چاهيون. اسان کي 9 مئي تي معافي گهرڻ لاءِ چيو پيو وڃي، اسان پنهنجي پيءُ کان به معافي نٿا گهرون، ڪنهن کان ڇو گهرون؟ اهڙو اظهار پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر ڪيو. هڪ خانگي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پي ٽي آءِ آئين ۽ قانون جي بالادستي تي يقين رکي ٿي. اسان چاهيون ٿا ته سمورا ادارا آئين جي حدن ۾ رهي ڪم ڪن.گذريل ڏينهن ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان پي ٽي آءِ کي واضح پيغام تي اسد قيصر چيو ته ملڪ ۾ آئين ۽ قانون جي بالادستي چاهيون ٿا. عمران خان ۽ سندس پارٽي جي حوالي سان پاڪ فوج جو اهڙو پيغام انتهائي افسوسناڪ آهي. هر ٻار ڄاڻي ٿو ته اسان سان ظلم ٿيو، هر شيءِ اسان جي خلاف استعمال ڪئي وئي پر ان جي باوجود 8 فيبروري تي ملڪ جي عوام واضح پيغام ڏنو ۽ اسان کي ايترو وڏو مينڊيٽ مليو. اسد قيصر چيو ته اسان ڪڏهن به ناهي چيو ته اسان فوج جي خلاف آهيون. فوج اسان جو ادارو آهي ۽ اسان پنهنجي اداري کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا. پر اسان اهو به چاهيون ٿا ته سمورا ادارا پنهنجي آئيني حدن ۾ رهي ڪم ڪن.

اڳتي وڌڻ جو رستو پارليامينٽ  مان ئي نڪرندو: تجزئي نگار

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز )  ناليواري صحافي ۽ سينيئر تجزئي نگار سهيل وڙائچ چيو آهي آءِ ايس پي آر جي بيان کان پوءِ  بظاهر سمورا رستا ختم ٿيندي نظر اچڻ لڳا آهن، معاملي جي حل لاءِ ٻئي ڌريون لچڪ ڏيکارڻ جي لاءِ تيار ناهن پر  آءِ ايس پي آر ان ساڳي ئي  بيان ۾ هڪ رستو پڻ ٻڌايل آهي ته سياسي جماعتون پاڻ ۾ ويهي معاملا طئي ڪن، ان معاملي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن ۽ پي ٽي آءِ  کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سينيئر صحافي چيو ته پي ٽي آءِ  ڌانڌلي ۽ مينڊينٽ  چورائڻ جو الزام ته هڻي ٿي پر ان جو حل نٿي ٻڌائي. گذريل ڀيري پڻ ان معاملي تي جوڊيشنل ڪميٽي جڙي هئي پر پي ٽي آءِ کي ڪجهه به حاصل نه ٿيو. ان لاءِ ان مسئلي کي اڪلائڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي ٺاهي وڃي ڇو ته موجوده صورتحال ۾ پارليامينٽ مان ئي ڪو معقول ۽ مناسب رستو نڪري سگهي ٿو، هڪ سوال جي جواب ۾ سهيل وڙائچ چيو ته سياسي جماعتن کي ڪرمنل مائيڊ سيٽ اپ رکندڙ ڪارڪنن کان لاتعلقي ظاهر ڪرڻ گهرجي ۽ کين پنهنجي صفن مان ٻاهر ڪڍڻ گهرجي جيئن ماضي ۾  بينظير ڀٽو  الذوالفقار کي ڪڏهن به قبول نه ڪيو  ۽ هن پنهنجو الڳ سياسي دڳ اختيار ڪيو.

عمران خان طالبان سان گڏجي ڪي پي کي پاڪستان کان الڳ ڪندو؟

اسلام آباد(عمران شفقت) پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان موجب طالبان سان گڏ ٿي ڪي پي ڪي کي پاڪستان کان الڳ ڪيو ويندو. پهريون ڀيرو جڏهن عسڪري قيادت کي ڌمڪي ڏني وئي هئي ته ان ۾ به عمران خان  طالبان جو ذڪر ڪيو هو. عمران خان واضح چيو ته هو طالبان سان گڏ آهي، ٻي پاسي طالبان به سندس حڪومت ۾ چيو هو ته عمران خان هنن جو نمائندو آهي، هن سان ڳالهيون طئي ڪجن. اهڙيءَ صورتحال ۾ ملڪ جا ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ عمران خان طالبان جو استعمال ڪري سگهي ٿو. هڪ نجي محفل ۾ پاڪستان جي پنج طاقتور ماڻهن مان هڪ کان پڇيو ويو ته ڪي پي ڪي جي مستقبل بابت ڇا خيال آهي؟ ته هنن ٻڌايو هو ڪي پي ڪي تي نظر رکيون ويٺا  آهن،  مسئلو ئي اهو آهي ته طالبان ۽ پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ملي ويا آهن. حل نڪري آيو پوءِ ڇا ٿيندو؟ اڄ نائين مئي تي جيئن لکين ڪروڙين ماڻهو عمران خان لاءِ روڊن تي نڪتا ته هو بچي ويندو ٻي صورت پي ٽي آءِ هڪ ڪميٽي تيار ڪري سياستدانن سان ڳالهيون ڪندي.

عمران خان شيخ مجيب بڻيل،9 مئي ۽ 71ع جي واقعن ۾ هڪ جهڙائي؟

اسلام آباد (عمر چيما) عمران خان چيو آهي ته تاريخ جي آئيني ۾ ڏسان ٿو ته مونکي  9-مئي جي واقعن ۽ 1971ء جي واقعن ۾ هڪجهڙائي لڳي ٿي. ان مان لڳي ٿو ته عمران خان ۽ سندس پارٽي پاڻ کي عوامي ليگ سمجهي ٿي ۽ عمران خان شيخ مجيب الرحمان بڻيل آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر لنڊن پلان تي عملدرآمد لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن ۽ سڄو رياستي نظام ڪوڙ ۽ فراڊ تي بيٺل آهي. مان ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. اڄ عمران خان کان وڌيڪ قومي اسيمبلي جو سابق اسپيڪر اسد قيصر حملي آور ٿيو آهي جنهن چيو آهي ته معافي ڇا جي گهرون معافي ته اسان پنهنجي پيءُ کان به ڪڏهن ناهي  ورتي. لطيف کوسا به اهو چيو آهي ته معافي ڇا جي وٺون. ملازمن کان معافي ڇو وٺون! پهريان هو عوام تي حڪمراني ڪرڻ تي معافي وٺن. نوازشريف کي شرم اچڻ گهرجي. ان مان لڳي ٿو ته پي ٽي آء هڪ مزاحمتي پارٽي بڻجڻ وڃي رهي آهي. پي ٽي آءِ هڪ مذاڪراتي ڪاميٽي به ٺاهي آهي ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿيون ۽ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ آئي ته چوندي ته فوج خلاف اگر ڪنهن ڳالهايو ته توهان جي جرئت جوفوج خلاف ڳالهايو. شيرافضل مروت رجيم چينج جي حوالي سان جيڪو بيان ڏنو ان تي سعودي سفير تحفظات جو اظهار ڪيو آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.