عمران خان شيخ مجيب بڻيل،9 مئي ۽ 71ع جي واقعن ۾ هڪ جهڙائي؟

اسلام آباد (عمر چيما) عمران خان چيو آهي ته تاريخ جي آئيني ۾ ڏسان ٿو ته مونکي  9-مئي جي واقعن ۽ 1971ع  جي واقعن ۾ هڪجهڙائي لڳي ٿي. ان مان لڳي ٿو ته عمران خان ۽ سندس پارٽي پاڻ کي عوامي ليگ سمجهي ٿي ۽ عمران خان شيخ مجيب الرحمان بڻيل آهي. عمران خان جو چوڻ آهي ته چيف جسٽس ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر لنڊن پلان تي عملدرآمد لاءِ ڏينهن رات مصروف آهن ۽ سڄو رياستي نظام ڪوڙ ۽ فراڊ تي بيٺل آهي. مان ڪميشن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار آهيان. اڄ عمران خان کان وڌيڪ قومي اسيمبلي جو سابق اسپيڪر اسد قيصر حملي آور ٿيو آهي جنهن چيو آهي ته معافي ڇا جي گهرون معافي ته اسان پنهنجي پيءُ کان به ڪڏهن ناهي  ورتي. لطيف کوسا به اهو چيو آهي ته معافي ڇا جي وٺون. ملازمن کان معافي ڇو وٺون! پهريان هو عوام تي حڪمراني ڪرڻ تي معافي وٺن. نوازشريف کي شرم اچڻ گهرجي. ان مان لڳي ٿو ته پي ٽي آء هڪ مزاحمتي پارٽي بڻجڻ وڃي رهي آهي. پي ٽي آءِ هڪ مذاڪراتي ڪاميٽي به ٺاهي آهي ۽ جيڪڏهن ڳالهيون ڪامياب ٿيون ۽ پي ٽي آءِ حڪومت ۾ آئي ته چوندي ته فوج خلاف اگر ڪنهن ڳالهايو ته توهان جي جرئت جوفوج خلاف ڳالهايو. شيرافضل مروت رجيم چينج جي حوالي سان جيڪو بيان ڏنو ان تي سعودي سفير تحفظات جو اظهار ڪيو آهي.

 نوٽ: هي تجزيو روزاني، عوامي آواز، 09 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.