ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عقيل احمد عباسي ۽ جسٽس مبين لاکي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ سني اتحاد ڪائونسل خلاف داخل آئيني درخواست جي ٻڌڻي ٿي.درخواستگذار مولوي اقبال حيدر چيو ته سني اتحاد ڪائونسل پارلياماني پارٽي ناهي، آئين موجب آزاد اميدوار صرف پارلياماني پارٽي ۾ شامل ٿي سگهن ٿا. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته آئين جو آرٽيڪل 63 پارليامينٽ بابت آهي، پارليامينٽ جي آزاد ميمبرن تي شق 63 اي لاڳو نه ٿيندي آهي ، آئين مطابق آزاد اميدوارن کي پارلياماني پارٽي جو حصو بڻائڻ جو حڪم آهي ، چيف جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته اهڙي درخواست اڳ به ٻڌڻي هيٺ آهي، درخواستگذار مولوي اقبال حيدرچيو ته هي سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن لاءِ درخواست داخل ڪرائي وئي آهي، عدالت چيو ته توهانجي درخواست اليڪشن ڪميشن کي موڪليون ٿا، اتي وڃو،
درخواستگذار جو چوڻ آهي ته اهو معاملو هاڻي اليڪشن ڪميشن جي دائري اختيار ۾ نه ٿو اچي،عدالت چيو ته ٺيڪ آهي ايندڙ ٻڌڻي تي تياري ڪري اچو ۽ عدالت کي مطمئن ڪريو ته توهان جي درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي يا نه، ٻڌڻي 18 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي .