پي ٽي آءِ جا اڪثر اڳواڻ اسٽيبلشمينٽ سان رابطي ۾ آهن: اعجازالحق

اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ )  پاڪستان مسلم ليگ ضياءَ جي سربراهه اعجازالحق جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي ۽ عمران خان کانسواءِ پي ٽي آءِ جو هر اڳواڻ جيڪو جيل کان ٻاهر آهي اهو هن وقت اسٽيبلشمينٽ سان رابطي ۾ آهي. اعجازالحق چيو ته اهو نٿو ٿي سگهي ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير (اسٽيبلشمينٽ سان) رابطي ۾ نه هجي يا سندس اهم شخصيتون رابطي ۾ نه هجن، سڌي يا اڻ سڌي طرح هر ڪنهن سان رابطي ۾ آهي ۽ اهڙا به ڪيترائي آهن جن جا ڪيترن سان رابطا آهن. اسان کي فوج سان ڪو مسئلو ناهي، خدا جي واسطي فوج کي سياست ۾ نه گهليو وڃي. اعجاز الحق چيو ته جيڪا ڳالهه هلي رهي آهي ته اسان اسٽيبلشمينٽ سان سڌو سنئون ڳالهيون چاهيون ٿا،

سڌي ريت ڳالهيون تڏهن ئي ٿي سگهن ٿيون جڏهن حڪومت سڌي ريت اسٽيبلشمينٽ کي درخواست ڪري ته هاڻي اسان چاهيون ٿا ته رستو هموار ٿئي ته پوءِ هڪ نيوٽرل اداري جي حيثيت سان پنهنجو ڪردار ادا ڪريون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.