کوکراپار(ن ع آ) ملير جي علائقي ميمڻ ڳوٺ جي غريب آباد جو رهواسي محمد اشرف مال جي واڙي تان مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي ان سلسلي۾ محمد اشرف جي پٽ محمد اسلم ميمڻ ڳوٺ ٿاڻي پهچي درخواست ڏني آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته سندس والد اشرف علي ٻڪرين جو واپاري آهي هو ميمڻ ڳوٺ ۾ ٻڪرا پڙي جي سامھون هوٽل تان کيس ستن اٺن ماڻهن کيس اغوا ڪري ورتو آهي، هن درخواست ۾ لکيو آهي ته سندس والد وٽ 3 لک رپيا روڪ ۽ موبائيل فون به هئا، هن چيو ته ڪجھ ڏينھن اڳ ڪجهه ماڻهن منهنجي والد کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون هيون، منهنجي والد انهن ڌمڪيون ڏيندڙ ۽ اسان جي واڙي تي اچي ملازم مٿان تشدد ڪندڙن خلاف پوليس انتظاميا کي درخواست پڻ لکي هئي، هن چيو ته مونکي شڪ آهي ته سمير ولد محمد حسن، محمد يوسف ولد مراد، عظيم ولد حسن پنهنجن ساٿين سان گڏجي منهنجي والد کي اغوا ڪيو آهي، هن مطالبو ڪيو ته اغوا ڪارن خلاف ڪارروائي ڪري سندس والد کي بازياب ڪرايو وڃي.