اسلام آباد(م ڊ) جي يو آءِ ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته عوام 9 مئي واري بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جيو نيوز جي اينڪر حامد مير سان ڳالهه ٻولهه دوران هن چيو ته اسان 9 مئي تي به احتجاج ڪيو. رياستي ادارن تي حملي جو سڄي قوم نوٽيس ورتو هو. پر سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس کي پنهنجي جاءِ تي، ٻڌايو وڃي ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي يا نه؟ يا ته اهي تسليم ڪن ته ڌانڌلي ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن اهي نه مڃيندا ته (واضح آهي ته) عوام 9 مئي جي ان (فوج جي) بيانيي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. جي يو آءِ ف سربراهه چيو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سندس 9 مئي تي ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن جو تعلق گذريل سال 9 مئي تي فوجي تنصيبات تي حملن سان ناهي. اسان جي 9 مئي واري ملين مارچ جو پي ٽي آءِ سان ڪو به تعلق ناهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي فضل الرحمان چيو ته نواز شريف پاڻ چونڊ نتيجن تي مون کان وڌيڪ پريشان آهي، هو منهنجو دوست ۽ وڏو ڀاءُ آهي، ان ڪري مان چڱي ريت ڄاڻان ٿو ته ن ليگ اڳواڻ پريشان آهن. جي يو آءِ سربراهه چيو ته هو ن ليگ سان دوستي ڪرڻ چاهي پيو، ن ليگ کيس حڪومت ۾ اچڻ لاءِ چئي رهي هئي، پر مان چاهيان ٿو ته ن ليگ مخالف ڌر ۾ شامل ٿي حڪومت پي ٽي آءِ حوالي ڪري.