سکر/لاڙڪاڻو(آزاد مهر+عبدالوحيد ابڙو) چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪمن تي سکر ۾ ڪارڪنن سان ملاقات ڪئي آھي ورڪرن سان ملاقات ڪرڻ لاڙڪاڻو به وينداسون سکر ڊويزن ۾ اليڪشن ۾ تاريخي ڪاميابي ٿي بجيٽ اچڻ واري آ جنھن لاءِ تياري ڪري رھيا آھيون. ان لاءِ عوام کان راءِ وٺون پيا عوام جي تجويزن کي نظر ۾ رکنداسون، شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪاروايون جاري آھن، اھڙيون ڳالھيون سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ سکر ۾ ڪارڪنن جي اجلاس بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي ڪيون، هن وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ جي بارداڻي نه ملڻ جي شڪايت تمام وڌيڪ آھي بلاول ڀٽو صاحب سخت نوٽيس ورتو آھي سکر ۾ شڪايتن تي ڊي ايف سي دلدار ڪلوڙ کي معطل ڪيو آھي،ڪل چار ڊي ايف سيز کي معطل ڪيو آهي، هن چيو ته اسان جي گدامن ۾ چار لک ٽن ڪڻڪ موجود آھي بارداڻي ورڇ ۾ غفلت ۾ جيڪو به ملوث نڪتو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي،هن چيو ته ڊسمبر ۾ امن امان جي صورتحال خراب ٿي آھي،ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ اضافو ٿيو آھي اسان کي ملٽري گريڊ ھٿيارن جي ضرورت آھي، اسان خريدڪرڻ لاءِ فنڊ جاري ڪيا آھن بگٽي برادري سان گڏ سنڌ حڪومت جو ساٿ آھي، ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ ھر ممڪن ڪوشش ڪـنداسون، ھن چيو رئيس ڪئنال جي ڊي سلٽنگ جو ڪم جاري آھي، شھيد جان محمد جا قاتل ڪجھ گرفتار ٿيا آھن خون رائيگا نه ويندو صحافت جي آزادي لاءِ مارشلا جي دور ۾ مقابلو ڪيو آھي، ملڪ نازڪ صورتحال مان گذري رھيو آھي، پيپلز پارٽي وفاقي حڪومت سان گڏ بيٺل آھي، وڏي بد قسمتي جي ڳالھ آھي ٽي صوبا ھڪ پاسي ھڪ صوبو ٻئي پاسي بيٺل آھي خبر ناھي ته ھنن جي جينز ۾ ڪھڙو معامرو آھي،هن چيو ته پنجاب پوليس بگٽين سان گڏجي ڪچي ۾ ڪاروائي ڪئي آھي، سنڌ حڪومت جو انھن سان ساٿ آھي، ھن چيو ته آپريشن ۾ پنج يا چار ڌاڙيل ماريا ويا آھن ان جي فائنل رپورٽ ايندي صدر آصف علي زرداري واضح ڪيو آھي ته ڪچي جي ڌاڙيلن جي سھولتڪاري ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو ڪھڙو به سردار ان ۾ ملوث ھوندو ان خلاف ڪاروائي ٿيندي وڏي وزير هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته مان نٿو چوان ته ھن اھڙي بري حالت ۾ ڪوئي روڊ تي ھلي نٿو سگھي امن امان جي صورتحال ايتري به خراب ناھي جو روڊ تي نه ھلي سگهجي اسان وفاقي حڪومت جو حصو ناھيون پر ملڪ خاطر سپورٽ ڪري رھيا آھيون، اسان پنھنجو مفاد داءُ تي لڳايو آھي خيببر پختون خواھ پنھنجو مفاد داءُ تي نه لڳائيندو، هن چيو ته سڀني کي خبر آھي 2022 ۾ وڏي ٻوڏ آئي، اسان پوري سنڌ جو دورو ڪيو صورتحال مشڪل ھئي پر اسان پيرن تي اچي ويا سون اسان پنھنجو ايريگيشن نيٽ ورڪ ٺيڪ ڪيو آھي اسان جو گذريل سال بمپر ڪڻڪ جو فصل لٿو آھي اسان روڊ به بھتر ڪيا آھن 21 لک گھر تعمير ڪنداسون 6 لک گھر تعمير ڪيا آھن،هن چيو ته ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ جيڪو به ملوث ڏٺو ويو ان کي سزا ملندي،ڪڻڪ جو مسئلو گذريل سال ڇو نه ٿيو؟ ملڪ جي بهتري سڀ کان پهرين سوچي وڃي،هوڏانهن وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پيپلز پارٽي لاڙڪاڻو ڊويزن جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو هو ته حڪومت جا فيصلا ورڪرز ڪندا ان سلسلي ۾ اڄ مان ڪابينا ميمبرن سان گڏجي هتي پهتو آهيان، هن سال اسان عوام دوست بجيٽ ۽ عوامي ترقياتي جا منصوبا آڻينداسين، اسان سڀ کان پهريان ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ ڪم ڪنداسين. هن چيو ته 6 لک گهرن جي تعمير جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته عوام تائين پيئڻ جو صاف پاڻي پهچايون، اين ايف سي ۾ پروٽيڪشن آئين ۾ درج آهي، آئين ۾ لکيل آهي ته اين ايف سي ايوارڊ جي رقم گهٽ ڪري نه ٿي سگهجي. هن چيو ته 11 آگسٽ تي جڏهن اسان حڪومت ڇڏي ته ان وقت ڪا به ڪانواءِ نه هئي، صحافي ٻڌائي رهيا آهن ته ڪشمور ۾ هاڻي به ڪانواءِ جي صورت ۾ ماڻهو سفر ڪندا آهن ان کي به جلد ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته 77 ارب روپين جا اضافي بل 16-2015 ۾ پاور ڪمپنينز کان ختم ڪرايا ويا، چيئرمين عوام جي تڪليفن کي ڏسي ڪري 300 يونٽ مفت بجلي فراهم ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، اسان هن وقت 300 مفت اسڪيم تي ڪم ڪري رهيا آهيون، سنڌ حڪومت 21 لک گهر ٺاهڻ وڃي رهي آهي، 6 لک گهرن تي ڪم جاري آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري اسان جو سمورو انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو آهي ان لاءِ روڊ ۽ ٻيا ڪم جاري آهن، 22 هزار ٻوڏ متاثر اسڪولن جون عمارتون ٻيهر تعمير ڪرائي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪچي ۾ آپريشن ڪري رهيا آهيون ۽ اسٽريٽ ڪرائيم جو به خاتمو ڪنداسين.