فوج سياسي انجنيئرنگ ۾ ملوث ڪردارن کي سزا ڏئي: خواجا آصف

اسلام آباد (م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته 9 مئي تي هڪ شخص ۽ ٽولي اقتدار جي لالچ ۾ ملڪ تي حملو ڪيو. قوم 9 مئي سانحي جي سازش ڪندڙن ۽ ڏوهارين کي سڃاڻي ٿي، آئين ۽ قانون اهڙن ڪردارن جي سزا جو فيصلو ڪندو. هڪ بيان ۾ خواجا آصف چيو ته 9 مئي هميشه ياد ڏياريندو ته هڪ شخص ۽ ٽولي اقتدار جي لالچ ۾ وطن تي حملو ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته 9 مئي  تي جيڪو ٿيو، ان جو اسان جو ازلي دشمن به تصور نٿا ڪري سگهن. هن چيو ته 9 مئي تي هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تي عمل ڪيو ويو، پاڪ فوج جي اثاثن ۽ شهيدن جي يادگارن کي نشانو بڻايو ويو. خواجه آصف چيو ته دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ اهڙي صورتحال جو تصور به نٿو ڪري سگهجي، هوڏانهن خواجا آصف چيو  ته فوج سياسي انجينئرنگ ۾ ملوث ڪردارن خلاف ڪارروائي ڪري،ان سان اداري جو وقار وڌندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.