اسلام آباد(بي بي سي)سينئر صحافي ۽ تجزئي نگار عاصمه شيرازي چيو آهي ته اها حقيقت آهي ته چونڊن کانپوءِ تحريڪ انصاف هڪ مقبول جماعت ثابت ٿي آهي،ان جي باوجود ان مقبوليت کان وڌيڪ ”قبوليت“ کي اهميت ڏني آهي،عمران خان ۽ تحريڪ انصاف لاءِ وڏو مسئلو اهو آهي ته اسٽيبلشمينٽ انهن سان ڳالهيون نه پئي ڪري،تجزئي نگار مجيب الرحمان شامي چيو ته 9 مئي جي ٽڪراءَ کانپوءِ نه رڳو سياست بلڪه عدليه ۽ اسان جي شهري آزادين تي به گهڻو سخت دٻاءُ آيو آهي، اسان جي آزادي محدود ٿي آهي، سياسي جماعتون ڪمزور ٿيون آهن،هن چيو ته عمران خان طاقتور حلقن کي اهو اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هن جو انهن سان ڪو به اختلاف ناهي،تجزئي نگار سلمان غني چيو ته فوج 9 مئي واقعن کي هڪ سال گذرڻ باوجود ڪنهن لچڪ جو مظاهرو ناهي ڪيو ۽ اڄ به اسٽيبلشمينٽ 10 مئي واري موقف تي قائم آهي،هن چيو ته پي ٽي آءِ ۽ اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ڳالهين ۾ ڊيڊلاڪ آهي