گنڊاپور اسلام آباد تي چڙهائي ڪئي ته قانون موجب ڪارروائي ٿيندي: فيصل ڪريم

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪي پي ڪي جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته وفاق سان تڪرار رهيو ته خيبرپختونخواهه جا ماڻهو 5 سال پوئتي رهندا، ننڍي ماڻهو کي وڏي عهدي تي ويهاريندو ته ائين ئي ٿيندو آهي.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته خيبرپختونخواهه جون حالتون سڀني جي سامهون آهن، هتي امن امان جي صورتحال صحيح نه آهي، صوبن ۽ وفاق وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪندس، وڇوٽين سان عوام پريشان ٿيندو.فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته اسان کي خيبرپختونخواهه جو ڪيس وڙهڻو آهي، جڏهن نفرتون ٿينديون ته صوبا ۽ ملڪ ترقي نه ڪندو. مان خيبرپختونخواهه جي عوام جو وڪيل بڻجي ڳالهائيندس، صوبي جا پئسا وٺڻ جو به هڪ فورم آهي جتي ڪيس وڙهنداسين.خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور تي تنقيد ڪندي ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته هو پنهنجي نااهلي لڪائڻ جي لاءِ تڪراري بيان نه ڏئي، خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير جيڪڏهن اسلام آباد تي چڙهائي ڪندو ته قانون پنهنجو رستو وٺندو.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، مرڪز ۽ صوبن ۾ ويڇن سان عوام لاءِ مسئلا ٿيندا .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.