اسلام آباد (بيورو)قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ عدليه ۾ رٽائرمينٽ جي عمر وڌائڻ جي خبرن کي رڳو افواهه قرار ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو ته رٽائرمنٽ جي عمر وڌائڻ جو فيصلو ڪو هڪ ادارو نه ڪندو، عدليه، سول سروسز ۽ هٿياربند فوج سميت سمورا ادارا شامل هوندا. هن چيو ته عمر جي حد وڌائڻ جو معاملو پينشن سڌارن سان جڙيل آهي، جنهن تي مختلف دورن تي ڪم ٿيو آهي، ڪا به ڳالهه لڪيل ناهي.
-
ڪڻڪ درآمد جو فيصلو پي ڊي ايم حڪومت جي سمري تي ڪيو: انوارڪاڪڙ
ڪوئيٽا(بيورو)اڳوڻي نگران وزيراعظم سينيٽر انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت دوران ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ واري فيصلي جي مڪمل ذميواري قبول ڪريان ٿو.ڊيٽا اسان وٽ پي ڊي ايم حڪومت کان آئي، جنهن تي پي ٽي آءِ دور جي قانون تحت ڪڻڪ امپورٽ ڪئي وئي.ڪوئيٽا ۾ گهرو وزير محسن نقوي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڪڻڪ جو معاملو مون ڪڏهن به صوبن يا ڪنهن تي نه وڌو آهي، ڪڻڪ وٺڻ جي ذميواري وفاقي حڪومت ورتي هئي.انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته مان پنهنجي دور ۾ ڪڻڪ خريد ڪرڻ واري فيصلي جي مڪمل ذميواري کڻان ٿو.ان موقعي تي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته ڪجهه ماڻهن جي خواهش آهي ته ڪڻڪ امپورٽ واري معاملي تي ڪاڪڙ ۽ مون کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي.