ڪجهه طاقتون بلوچستان ۽ ملڪ ۾ استحڪام نه ٿيون چاهين: صدر زرداري

ڪوئيٽا (رپورٽ: يار محمد بروهي ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڪجهه طاقتون بلوچستان ۽ ملڪ ۾ استحڪام نه ٿيون  چاهين، قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف آپريشن جاري رکندا. ڪوئيٽا ۾ صدر آصف زرداري جي صدارت هيٺ وڏي وزير جي آفيس ۾ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبي ۾ امن امان ۽ ترقياتي منصوبن تي بريفنگ ڏني وئي.اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف گڏيل قومي حڪمت عملي اختيار ڪرڻ لاءِ مشاورت جو فيصلو ڪيو ويو.صدر زرداري چيو ته دهشتگردي ۽ منشيات جي اسمگلنگ جو پاڻ ۾ واسطو آهي، ڪجهه طاقتون بلوچستان ۽ ملڪ ۾ استحڪام نٿيون چاهين. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي خلاف ڪارروايون جاري رکندا ۽ هدايت ڪئي ته سرحدي علائقن جي ماڻهن کي روزگار فراهم ڪرڻ لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.