اسلام آباد(بيورو+م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف آءِ ايس پي آر سربراهه جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ۾ چيو آهي ته جنرل صاحب! اسان 20214ع جي ڌرڻي ۽ ان سان ڳنڍيل سمورن واقعن جي عدالتي جاچ لاءِ تيار آهيون، بس توهان اها خاطري ڪرايو ته جاچ ڪندڙ ججن جي مائٽن کي اغوا ڪيو ويندو نه ي انهن جي ڪمرن ۾ ڪئميرائون لڳايون وينديون، ٽوئيٽر تي جاري بيان ۾ چيو ويو ته ٻيو اهو به ٻڌايو ته اهو مطالبو اداري جو آهي يا بطور خالق پنهنجي تخليق ن ليگ تي پدراڻي شفقت لاءِ انهن جو بيانيو اختيار ڪيو پيو وڃي؟ ترجمان لکيو ته پي ٽي آءِ کي بغير ڪنهن اليڪشن مهم ،چونڊ نشان جي ڌانڌلي زده فارم 47 تي 34 سيڪڙو ۽ اصلي فارم 45 تي 70 سيڪڙو ووٽ مليو،ست سيڪڙو جي نمبر ۾ ايتري ئي سچائي آهي جيتري ” فوج جو سياست سان تعلق نه هئڻ“ جي بيان ۾ سچائي آهي،هن چيو ته جنرل صاحب پريس ڪانفرنس ۾ شروع ۾ چيو ته سوالن کي سيڪيورٽي اشوز تائين محدود رکو پر ان کانپوءِ چاليهه منٽن تائين سياسي ڳالهيون ڪيون،پريس ڪانفرنس ۾ جعلي آڊيوز تي ٻڌل ڊاڪيومينٽري به تيار ڪري آيو هو، ان مڪر ۽ فريب جي ڪري عوام هاڻي انهن ادارن جي ترجمانن جي ڪنهن ڳالهه کي سچ نٿو مڃي،انتشاري قوم جي ٽيڪس مان پگهارون کڻندڙ قوم کي انتشاري قرار ڏئي رهيا آهن ٻئي پاسي حماد اظهر چيو ته جناب ڊي جي آءِ ايس پي آر صاحب، جڏهن توهان سياسي بيان ڏيندا ته پوءِ تنقيد ۽ جواب وصول ٿيڻ جو حوصلو به پيدا ڪريو، اڄ توهان جي پريس ڪانفرنس گهڻن تضادن،مفروضن ۽ تعصب تي ٻڌل هئي، ٻئي پاسي رئوف حسن چيو ته فوجي ترجمان سڀ کان وڌيڪ کل جوڳي ڳالهه اها ڪئي ته جمهوريت کي ڪو به خطرو ناهي،جمهوريت موجود ئي ناهي ته ان کي خطرو ڪٿان ٿيندو؟فوجي ترجمان 9 مئي جي حوالي سان ثبوت عوام آڏو آڻي، 9 مئي واقعن تي جڊيشل ڪميشن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون،هن چيو ته جڊيشل ڪميشن ڀلي 2014ع جي ڌرڻي ۽ پارليامينٽ تي حملي سان گڏ رجيم چينج، سائفر، خان صاحب تي حملي، آڊيو ليڪس،8 فيبروري جي مينڊيٽ چوري، جبري طلاقن ۽ سياسي انجنيئرنگ جي به جاچ ڪري،هوڏانهن زلفي بخاري چيو ته پاڪستاني فوج جي ترجمان سياسي رخ ۽ ويزن ڏنو آهي ته عدالتن کي آزاداڻي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويندو ۽ 9 مئي تي جڊيشل ڪميشن جي جوڙجڪ نه ٿيندي،