اسٽيل مل طاقتور ڌرين جي بدانتظامي سبب تباهه ٿي: مرزا مقصود

ڪراچي(پينل انٽرويو) وائيس آف اسٽيل ملز آفيسرز ايسوسيئيشن جي صدر   ۽ ايمپلائيز يونين جي سيڪريٽري مرزا مقصود چيو آهي  ته پاڪستان اسٽيل ملز جي  نجڪاري ممڪن ئي نه آهي، نه وري ملز کي ٻيهر هلائڻ ڪو ممڪن رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ملز کي ٻيهر هلائڻ لاءِ 200 ارب رپين تائين جي سيڙپڪاري گهرجي ٿي، ملڪ ۾ انڊسٽريل پاليسي ئي نه آهي، پ پ ورڪرز دوست سڏائي ٿي پر عملي طور ڪجهه نه ٿي ڪري، اهڙن خيالن جو اظهار هن عوامي آواز هيڊ آفيس ۾ پينل انٽريو دوران ڪيو، پورهيت اڳواڻ  مرزا مقصود وڌيڪ چيو ته 1967 ۾ اسٽيل ملز لاءِ پهريون معاهدو ٿيو، تڏهن پاڪستان فرنٽ لائين اسٽيٽ هو، ملڪي ترقي خلاف قوتون سرڪاري ادارن کانسواءِ ٻين شعبن تي هاوي هيون، پاڪستان کي سرخ انقلاب کي روڪڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو، هن چيو ته اسٽيل ملز  ابتدا کان ئي پيداوار گهٽ ڪئي، ابتدا ۾ ئي پئنل بند ڪيا ويا، ان کانپوءِ ملز جي تباهي جو بنياد جنگي قيدين جي1975 ۾  واپسي تي کين اسٽيل ملز ۾ نوڪريون ڏئي وڌي ويو،  ان بعد ڪوٽا نظام ذريعي چڪوال، سرگوڌا ۽ ٻين نالن سان گروپ ٺاهي ڀرتيون ڪيون ويون، هن چيو ته رشين جي ملز ۾  ملازمت تائين ملازمن جي حقن جي پاسداري ٿيندي رهي انهن جي وڃڻ  بعد ايڊمنسٽريٽر  مقرر ڪري ملز کي تباهي طرف ڌڪيو ويو، هن چيو ته 2015 ۾ اسٽيل ملز ۾ شٽ ڊائون ٿيو، ان کان اڳ 4 ڀيرا  وفاقي حڪومت بيل آئوٽ پئڪيج ڏنا، وفاقي حڪومت جي انڊسٽريل پاليسي جي ڳالهه ڪجي ته معياري مٽيريل آڻڻ لاءِ ريلوي لائين ئي نه وڇائي وئي، ان بعد دالبدين کان آندل ڪچو مال (را) ميٽريل معياري نه هجڻ ڪري ڪوالٽي ڪري پئي ۽ پوءِ مل ئي بند ڪرڻي پئجي وئي.هڪ سوال جي جواب ۾ مرزا مقصود چيو ته پ پ سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ موجود آهي، پورهيت دوست پاليسي جي دعويدار پ پ عملي طور تي ڪم نه ٿي ڪري، عمران خان حڪومت بعد پ پ وفاقي حڪومت جو حصو رهي پر ان ملز لاءِ ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي، هن چيو ته پ پ اسٽيل ملز جي معاملي تي ناصر حسين شاهه جي سربراهي ۾  ڪميٽي جوڙي، وڏي وزير وزيراعظم کي خط لکيو پر ڪيس کي باقائده کڻڻ لاءِ ڪو به فالو اپ نه ڪيو، هن چيو ته ملڪ ۾ جيتري سياست مضبوط هوندي ايتريون ئي پورهيت يونينز مضبوط هونديون، ايم ڪيو ايم جي خالد مرتضيٰ جي دور ۾ بگاڙ پيدا ٿيو، پوءِ ٻين پارٽين جي يونينز جو حال به اهو ئي رهيو، پ پ پاران سليڪٽ ڪيل ليبر يونين اڳواڻ قيادت جي هدايتن جا پابند آهن، ڇاڪاڻ ته اهي سڌا پورهيتن جا چونڊيل نمائندا نه هوندا آهن، ان ڪري پوءِ اهي پورهيتن جي مفادن جي جنگ نه وڙهي سگهندا آهن ۽ پنهنجي مفادن لاءِ ئي ڪم ڪري سگهندا آهن.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسٽيل ملز جي اوج واري دور ۾ 25 هزار ملازم هئا، جن ۾ 19 هزار ورڪر هئا ۽ هاڻي اها حالت آهي جو ٽوٽل 18 سو ملازم آهن، جن ۾ 150 آفيسر شامل آهن، ملز تي گئس، بجلي توڙي ٻين ادارن جو رهتون به تمام گهڻيون آهن، رٽائر ٿيندڙ ورڪرن کي پينشن ۽ ٻيا بينيفٽ نه ٿا ڏنا وڃن، هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ مرزا مقصود چيو ته 19 هزار ايڪڙن تي ٻڌل اسٽيل ملز جي 10 هزار ايڪڙ زمين ورڪرن جي فلاح لاءِ استعمال ڪرڻي هئي، پر ان جو اهو حال آهي ته ڪجهه زمين سنڌ سرڪار پاڻ الاٽ ڪئي آهي، ڪجهه زمين تي قبضا ڪيا ويا آهن، سنڌ جي نگران حڪومت وفاقي حڪومت کي اجازت ڏني هئي ته اها اسٽيل ملز جي 9 هزار ايڪڙ انڊسٽريل زمين استعمال ڪئي وڃي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ڌاٻيجي اڪنامڪ زون ۾ خانگي ادارا عوام کي روزگار ڏين، اسٽيل ملز کي وڏو پارڪ بنايو وڃي، هن چيو ته پاڪستان ۾ انڊسٽريل نظام ئي نه آهي، وفاق ۾ نه آهي ته پاڪستان انڊسٽريل ڊولپمينٽ ئي نه رهي آهي ته پوءِ صوبائي حڪومتون ڪٿان اسٽيل ملز جهڙا ادارا هلائي سگهنديون، ان لاءِ وڏي سيڙپڪاري گهرجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.