اسلام آباد(م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ ججز پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان کي عدليه ۾ مداخلت کي تسليم ڪرڻ گهرجي، جنهن تي چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته جج جيڪو مداخلت ڏسي ٿو اهو ڪجهه نه ڪري، ان کي جج نه هجڻ گهرجي، گهر ۾ ويهڻ گهرجي.چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ سپريم ڪورٽ ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججن جي خط جي ٻڌڻي ڪئي. ان سلسلي ۾ اٽارني جنرل ۽ مختلف بار جا وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ججن پاران عدليه ۾ مداخلت جي الزامن تي پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو آهي ته تنقيد ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ ۾ وڏو فرق آهي. هڪ ڪمشنر (راولپنڊي) ڪوڙ ڳالهايو ۽ سڄي ميڊيا ان ڪوڙ کي ڍڪي ڇڏيو. ڪنهن نه پڇيو ته توهان وٽ ڪو ثبوت آهي؟ ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پنهنجي ريمارڪس ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پاڪستان بي لغام آهي، ڇا اسان کي ڪير روڪي نٿو سگهي؟ هن چيو ته سپريم جوڊيشل ڪائونسل آئيني ادارو آهي. مان سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو چيئرمين ضرورآهيان، پر پوري ڪائونسل جو نه. سپريم جوڊيشل ڪائونسل جا ميمبر ٽي نه پر بينچ آهن. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججن پاران عدليه ۾ مداخلت جي الزامن جي جاچ لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ هلندڙ ٻڌڻي دوران جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا آهن ته سڀ سمجهن ٿا ته مداخلت سان مسئلو حل ناهي ٿيو. جسٽس اطهر من الله چيو ته اسان 76 سالن کان ڪوڙ ڳالهايو آهي، اسان سچ کي لڪايو آهي. ماڻهن کي سچ ڄاڻڻ جو پورو حق آهي. سمورن هاءِ ڪورٽن ڇهن ججن کان وڌيڪ سنجيده جواب جمع ڪرايا آهن. هڪ هاءِ ڪورٽ اهو به چيو آهي ته مداخلت آئين سان راند برابر آهي. هڪ هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته آئين کي ٽوڙيو ويو. اها مداخلت فيض آباد ڌرڻي ڪيس يا ٻي ڪنهن به ڳالهه سان ختم نه ٿي. جسٽس اطهر من الله پنهنجي اضافي نوٽ ۾ چيو آهي ته هاءِ ڪورٽ جي ججن نشاندهي ڪئي ته مداخلت جو سلسلو هن وقت تائين جاري آهي. وفاقي حڪومت کي پنهنجو موقف واضح ڪرڻ گهرجي. ان دوران جسٽس اطهرمن الله چيو ته معزرت گهران ٿو، منهنجي لکڻي سٺي ناهي، جسٽس مسرت هلالي چيو ته ها منهنجي لکڻي سٺي ناهي. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته وڪيلن کان دليلن لاءِ ڪيترو وقت گهربل آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏيندي چيو ته سوشل ميڊيا تي منصفاڻي تنقيد ٿيڻ گهرجي پر ماڻهن کي گمراهه نه ڪيو وڃي. جسٽس اطهر من الله چيو ته 3 نومبر 2007 جو ايڪشن سڀ کان وڏي توهين عدالت هو پر ڪنهن کي به سزا نه ڏني وئي ته پوءَ توهان ڪيئن توقع ڪري سگهو ٿا ته هڪ ضلعي جج مداخلت جي خلاف آواز اٿاريندو. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن پنهنجون تجويزون عدالت ۾ جمع ڪرايو جنهن ۾ سپريم ڪورٽ بار چيو ته بار عدليه جي آزادي تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندي. عدليه ۾ مداخلت ڪندڙن خلاف جاچ ٿيڻ گهرجي. تجويزن ۾ چيو ويو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ کي ڪنهن به قسم جي مداخلت تي توهين عدالت جي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي ها، ايڪشن نه وٺڻ سمجھ کان ٻاهر آهي. ان دوران جسٽس اطهر من الله عدالتي ڪم ۾ انٽيليجنس ادارن جي مداخلت تي وفاقي حڪومت کي جواب ڏيڻ جي حڪم جو حصو پڙهي ٻڌايو. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته وڪيل تمام گهڻا آهن پر اهي عدليه جي آزادي لاءِ هڪ پيج تي نٿا اچي سگهن. مان جمهوريت تي يقين رکان ٿو، پاڪستان بار ڪائونسل ۽ سپريم ڪورٽ بار وڏيون تنظيمون آهن جڏهن ته مقصد هڪ ئي آهي. جسٽس جمال خان مندوخيل رمارڪس ڏنا ته مداخلت ته ٿي رهي آهي پر حڪومت ڪجهه نه ڪري رهي آهي. اسان سڀني کي ان ڳالهه تي اتفاق ڪرڻ گهرجي ته وڪيلن جي مداخلت به بند ڪئي ويندي. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته مان ان دليل سان متفق ناهيان، واضع طور چوڻ چاهيان ٿو، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ هتي نه ويهڻ گهرجي. جيڪڏهن ڪو چوي ته هتي ويهڻ بدران گهر هليو وڃي. جسٽس اطهر من الله چيو ته اهو مان نه ٿو چئي رهيو آهيان، اٽارني جنرل به چيو آهي، منهنجو ڌيان رڳو توهين عدالت تي آهي. چيف جسٽس چيو ته توهان جاچ چاهيو ٿا يا نه؟ مون کي بار بار چوڻو پيو ته اڳتي وڌو ڇو ته ٻيا به ماڻهو آهن، مان سپريم جوڊيشل ڪائونسل جو چيئرمين آهيان پر پاڻ سپريم جوڊيشل ڪائونسل نه آهيان پر سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ٻيا به ميمبر آهن..